شهدادپور ۾ نوجوان کي اگهاڙو ڪري تشدد، احتجاج

شهدادپور (ن ع آ) پوليس شهدادپور ٿاڻي ۾  نوجوان شير خان ولد غلام حسين قريشي تي مسلسل ٽي ڏينهن اگهاڙو ڪري مبينه تشدد ڪري  مووي ۽ تصويرون ٺاھيون ويون ٻي ڌر کي ڏيکاري گيندا گرم ڪيا ويا .متاثر نوجوان شير خان پٽ غلام حسين قريشي جو شهدادپور ۾ ميڊيا جي سامهون ڳالهائيند چيو ته شهدادپور پوليس جي پوليس ڪانسٽيبل ذيشان راجپوت ۽ ٿاڻي تي مقرر منشي اصغر مونکي   سخت تشدد جو نشانو بڻايو ، اهي پوليس وارا منهنجي والد کي بلیک ميل ڪندا هئا ۽ مسلسل ٽي ڏينهن تائين تشدد ڪندي 25 هزار روپين جي رشوت ڏيڻ جو چوندا رھيا جنھن بعد منھنجي پيءُ غلام حسين 3،000 روپيا رشوت ادا ڪرڻ کانپوءِ انهن مون کي آزاد ڪيو آھي انھن منهنجي ھٿن ، چيل، پيٽ تي ڪلھن تي سخت تشدد ڪيو، جڏهن ته شير خان جي پيءُ غلام حسين قريشي چيو ته شهدادپور پوليس جي ايس ايڇ او آغا شمشاد منهنجي ٻارڙي کي رشوت ادا ڪرڻ جي بدلي ۾ آزاد ڪيو جنهن مون کي چيو ته پوليس اسٽيشن اهڙي طرح نه هلندو آهي اها پئسن سان هلندو آهي، جنهن مون کي 25،000 روپين جي رشوت گھري منت سماجت کان پوءِ 3،000 روپيا رشوت طور پوليس ٿاڻي شھدادپور جي منشي اصغر کي  ادا ڪيا جنهن کانپوءِ منهنجو پٽ آزاد ٿي ويو. هن جوابدارن خلاف ڪارروائي جي گهر ڪئي.ڍ

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.