پکو ۾ خشڪ برادري جي پڳ نديم خان خشڪ کي ٻڌرائي وئي

پکو (ن ع آ ) پکو ۾ پ پ اڳواڻ جان محمد خشڪ جي لاڏاڻي بعد سندس پُٽ نديم خان خشڪ کي برادري پڳ ٻڌرائي وئي پڳ تقريب  ۾ مختلف برادرين جي چڱن مڙسن شرڪت ڪئي پڳ جو پھريون ور محمد ڇٽل خشڪ ڏنو جنھن بعد طارق علي خشڪ, اختيار علي خشڪ, ممتاز ٻوڪ ۽ ٻين ور ڏنا جڏھن ته تقريب ۾ چيو ته اڄ هنن هزارين ماڻهن جي ميڙ ۾ مونکي جيڪا چڱ مڙسي جي پڳ ٻڌرائي وئي آهي سا مون لاء وڏو اعزاز آهي , هي پڳ اڳڙي جو ٽڪرو ناهي پر مان هن پڳ کي پاڻ تي آيل تمام وڏي ذميواري سمجهان ٿو، هن چيو ته هي پڳ رڳو صرف ذات تائين محدود ناھي پر پڳ جون ذميواريون علائقي جي ھر مظلوم ماڻھن جي سھاري جو سبب آھي , منھنجي پوري ڪوشش ھوندي ته مرحوم بابا جي ڇڏيل مشن کي پورو ڪيان جنھن ۾ علائقي جي بي پھچ , غريب ماڻھن جي خدمت ڪرڻ شامل آھي , پنھنجي پوري ڪوشش ھوندي ته علائقي ۾ ٿيندڙ ننڍن ننڍن جھيڙن ۽ رنجشن کي ختم ڪرائي ماڻھن کي پيار محبت سان ھڪ اتحاد ۾ گڏ ڪري کڻي ھلان , هن خطاب ڪندي چيو ته جيڪڏهن اسين ترقي ڪرڻ چاهيون ٿا ته پنهنجي پٽن سان گڏ نياڻين کي پڻ تعليم جھڙي اھم ذميواري سمجهي کين علم جھڙي زيور سان آراسته ڪيون ۽ پنهنجي پاڙي ۾ ايڪي اتحاد ۽ ٻڌي سان رهون ٻڌي ۾ ئي طاقت آهي , آخر ۾ خيرات جو اھتمام ڪري آيلن ۾ ننگر تقسيم ڪيو ويو ۽ دعا خير گھري وئي ,

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.