عيدلاضحيٰ جا فرض، قرباني ۽ فلسفو

تحرير:    محمد فاروق ٻرڙو قادري

ذوالحج اسلامي سال جو آخري مھينو آھي، جيڪو حرمت وارن مهينن مان ھڪ آھي، اسلامي سال جي ابتدا به حرمت واري مھيني (محرم) سان ته انتھا به حرمت واري مھيني (ذوالحج) تي ٿئي ٿي، ھن ماھ ۾ اسلام جو پنجون رڪن حج ادا ڪيو ويندو آهي، ان ڪري ھن ماھ کي ذوالحج يعني حج وارو مھينو چيو ويندو آهي، ھي ماھ،  الله جو پسنديده مھينو آھي،

ذوالحج جو مبارڪ مهينو، بيت الله جي حج ادا ڪرڻ جو وقت آهي، حج اسلام جو پنجون رڪن آهي، جيڪو ساري زندگي ۾ ھڪ ڀيرو ادا ڪرڻ مالدار مسلمانن مٿانهون فرض آهي، الله پاڪ ذوالحج مهيني کي عزتن ۽ عظمتن سان نوازيو ۽ بڻايو آهي، ته جيئن مسلمان جيڪي حج ادا ڪرڻ اچن ٿا يا جيڪي مسلمان دنيا جي جنهن به ڪنڊ ڪڙڇ  ۾آهن اتي ھن مھيني ۾ الله عزوجل جي عبادت ڪن ته انهن کي حج ۽ جھاد جھڙو اجر ملي، پوءِ ھر مسلمان کي ذوالحج جي پاڪ ڏھاڙن ۾ عبادت جو اھتمام ڪرڻ گھرجي ۽ گناهن کان بچڻ گھرجي، جيڪو ماڻهو ذوالحج جي پھرين ڏھاڪي جي ڪا به رات عبادت ۾ گذاري ٿو ته ان کي الله پاڪ حج ۽ عمري ڪرڻ واري جيترو ثواب عطا فرمائي ٿو، انھن ڏينھن ۾ نائين ذوالحج جي فجر کان تيرھين ذوالحج جي ٽيپھري (عصر) تائين ھر فرض نماز بعد ٽي گڏجي واري سڏ ھي تڪبير پڙھبي، جيڪڏهن ڪو ماڻهو اڪيلو نماز پڙھي ٿو ته ان کي به اھا تڪبير پڙھڻ گھرجي، عورت اھا تڪبير آھسته آواز ۾ پڙھندي، تڪبير جا لفظ ھن طرح آھن،

الله اڪبر، الله اڪبر، لااله الا الله، والله اڪبر، الله اڪبر، ولله الحمد،

عيد واري ڏينهن جو ڀلارو عمل: عيدالاضحي جي ڏينهن سڀ کان ڀلو افضل ۽ اعلي ڪم آهي قرباني ڪرڻ، اھا ھن ڏينهن جي ڀلي عبادت آهي، ترمذي ۾ حضور نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جو فرمان عاليشان آهي، قرباني واري ڏينهن ڪنهن به ماڻهو اھڙو الله عزوجل وٽ پسنديده عمل ڪو نه ڪيو ھوندو جھڙو (قربانيءَ جو) رت ھارڻ وارو عمل آهي، قيامت واري ڏينهن قربانيءَ جي جانور جا سڱ، ان جا وار، ان جا کر سڀ صالح عمل توريا ويندا، قربانيءَ جي جانور جو رت وهڻ کان اڳ ۾ ئي رب ذوالجلال جي دربار ۾ قبول پئجي ويندو آهي، ان لاءِ خوشدلي ۽ رغبت سان قرباني ڪيو، حضرت ابن عباس رضي الله تعالي عنه چيو ته رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم فرمايو ته عيد واري ڏينهن الله پاڪ وٽ اھڙو ٻيو ڪو پيارو ڪم ڪونھي جنهن ۾ پيسو خرچ ڪيو وڃي جھڙو قرباني آهي،

قرباني ڪرڻ وارو جڏهن قرباني ڪري ٿو ته ان جي رت جو قطرو زمين تي ڪري ٿو ان ڪرڻ کان اڳ ان جا گناھ الله رب العالمين بخشي ڇڏي ٿو، ھڪ روايت ۾ آهي ته جيڪو دل جي خوشيءَ سان ۽ ثواب جي نيت سان قرباني ڪري ٿو ته اھا قرباني ان لاءِ جھنم کان پردو ھوندي،(مجمع الزوائد)

طاقت ھوندي به قرباني نه ڪرڻ:سنن ابن ماجه ۾ حضرت سيدنا ابو هريره رضه کان روايت آهي ته رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم فرمايو جنهن ماڻهوءَ کي مالي توفيق ھئي پوءِ اضحي نه ڪيائين اھو اسان جي عيد گاه جي ويجهو به نه اچي، قرباني انھن تاڪيدي عبادتن مان آهي، جنهن جو ثبوت قرآن عزيز ۾، سنت نبوي ۾ ۽ اجماع مسلمين ۾ ثابت آهي، ان ڪري ھر مالدار ۽ طاقت رکندڙ مسلمان کي قرباني ڪرڻ گھرجي،

قربانيءَ جي معني ۽ مقصد: قربانيءَ جو لفظ قرب مان ورتل آهي، ان جي معني آهي (ويجھڙائپ) قرباني ڪرڻ وارو به الله عزوجل جو قرب حاصل ڪري ٿو، ان ڪري ان عمل کي قرباني سڏيو ويندو آهي، عربي ۾ ان کي اضحي به سڏيو ويندو آهي، اضحي لفظ ضحي مان ورتل آهي، جيئن عيدالاضحي جي نماز (ضحي) يعني ڪچڙي منجهند جي وقت ادا ڪئي ويندي آهي، ان کان پوءِ قرباني ڪئي ويندي آهي، ان ڪري ان کي اضحي چيو ويندو آهي، شرعي اصطلاح ۾ ڪنهن جانور کي الله پاڪ جي قرب حاصل ڪرڻ لاءِ ڪھڻ کي اضحي يا قرباني چيو ويندو آهي،

حضرت ابراهيم خليل الله ھن مھيني ذوالحج ۾ پنھنجي پياري فرزند کي الله جي راھ ۾ قربانيءَ لاءِ پيش ڪيو ھيو، قرآن مجيد جي سوره صافات جي ھڪ سؤ کان ھڪ سؤ ڏھ تائين وارين آيتن ۾ الله پاڪ پنهنجي خليل جي ان قربانيءَ جو ذڪر ڏاڍي عجيب انداز ۾ بيان فرمايو آهي، ھن مھيني ذوالحج جي اچڻ سان ئي حضرت ابراهيم خليل الله عليه السلام جي ياد تازي ٿئي ٿي ۽ حضرت ابراهيم خليل الله ۽ حضرت اسماعيل جي رب ذوالجلال لاءِ قرباني ڪرڻ ۽ ڏيڻ جي ياد به تازي ٿئي ٿي، ان لاءِ ته قرآن مجيد انھن جي قربانيءَ کي ھن طرح بيان ڪري ٿو،

پيءُ چيو (اي منھنجا پٽ مون ھڪ خواب ڏٺو آهي ته تو کي ذبح ڪري رهيو آهيان، ڏسان پٽ ھاڻي تون ڇا ٿو چوين پٽ چيو اي منھنجا پيءُ جيڪو اوھان کي حڪم ڪيو ويو آهي اھو توهان پورو ڪريو، انشاءَ الله، مونکي توهان صبر ڪرڻ وارن منجھان لھندئو) ڪنهن سچ چيو آهي ته بابا ڇڏي ڏي اھو خواب آهي، پر خواب ڏسڻ وارو به پيغمبر ھو ۽ خواب ٻڌڻ وارو به پيغمبر ھو، حضرت اسماعيل عليه السلام ذھانت جو مظاهرو ڪيو ترت سمجهي ورتو ته منھنجو پيءُ جيڪو چئي رهيو آهي اھا ڳالھ خليل الله جي نه پر رب ذوالجلال جي آهي،۽ ان خواب جي تعبير منهنجي قرباني آهي، آخر پٽ چيو ته اي بابا ھاڻي جلدي ڪر ته جيئن دير نه ٿي سگهي، حضرت ابراهيم خليل الله اھو ٻڌي ڪري ڇري حضرت اسماعيل عليه السلام جي ڪنڌ تي ھلائڻ شروع ڪئي، حضرت اسماعيل چيو ته بابا جلد ڪر، پيءُ چيو ته آئون ته ڇري ھلايان پيو پر نه ٿي ھلي، تڏهن حضرت اسماعيل چيو ته بابا زور لڳايو، حضرت ابراهيم عليه السلام وري اھا ڇري پٿر جي مٿان ھلائي ھن پٿر کي ته وڍي ڇڏيو آخر الله جي خليل کي ڪاوڙ آئي ۽ ڇري کي چيائين ته اي ڇري تون پٿر کي ته وڍي ٿي، پر حضرت اسماعيل عليه السلام جي نرم جسم کي ڇو نه ٿي وڍين تڏهن الله پاڪ ڇري کي زبان ڏني ۽ چيائين اي خليل الله تون ٿو چوين ته وڍ ۽ رب ذوالجلال ٿو چوي ته نه وڍ ، ھاڻي تنھنجي مڃان يا رب ذوالجلال جي مڃان،ايتري ۾ حضرت ابراهيم کي الله عزوجل جو حڪم آيو ته اي ابراھيم شاباس ھجئي تو ته خواب سچو ڪري ڏيکاريو، تنھنجي قرباني قبول ٿي ۽ اسين مخلص ماڻهن کي اھڙو ئي اجورو ڏيندا آھيون قرآن اڳتي فرمائي ٿو ته حقيقت ۾ اهو وڏو امتحان ھو، جنهن کي مخلص ڪامل کان سواءِ ٻيو ڪو سھي نه ٿو سگهي ۽ اسان وڏو ھڪ جانور ذبح ٿيڻ وارو ڏنو سين، ھن امتحان ۾ ٻئي ڄڻا پاس ٿي ويا، حضرت ابراهيم ۽ حضرت اسماعيل پنھنجو ڪم مڪمل ڪري ڏيکاريو،

حضرت محبوب ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم فرمايو ته قربانيءَ جي جانور جي بدن تي جيترا وار ھوندا آھن ھڪ ھڪ وار جي بدلي ۾ قرباني ڪرڻ واري کي نيڪيون ملن ٿيون، ٻي حديث ۾ حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم فرمايو ته قربانيءَ جي ڏينهن ۾ الله پاڪ کي قربانيءَ کان وڌيڪَ ڪو به عمل پيارو نه آهي،

قرباني جا ڏينهن ذوالحج جي ڏھين، يارھين ۽ ٻارھين تاريخن وارا آھن، انھن ۾ قرباني ڪري سگهي ٿو بھتر اھو آھي ته پھرين ڏينھن قرباني ڪري ڇڏجي، جيڪڏهن ڪنهن غفلت جي ڪري قربانيءَ جا ڏينهن نڪري ويا ھجن ته قربانيءَ جي قيمت فقراءَ مساڪين تي صدقو ڪرڻ واجب آهي،

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.