”آزاد ڪشمير چونڊن ۾ نواز شريف جي قيادت تي اعتماد جو تاريخي فيصلو ٿيندو“

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته آزاد ڪشمير جي اليڪشن ۾ باشعور ڪشميرين جي نواز شريف جي قيادت تي اعتماد جو تاريخي فيصلو ٿيندو.

لاهور مان جاري ڪيل بيان ۾ مسلم ليگ ن جي صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف اِها ڳالهه چئي.

سندس چوڻ آهي ته آزاد ڪشمير جي عوام جي لاءِ اڏاوت، ترقي ۽ خوشحالي جي هڪ نئين دور جو آغاز ڪنداسين.

ميان شهباز شريف چيو ته آزاد ڪشمير ۾ موٽر ويز، تعليم، صحت ۽ عوام جي ترقي جا مثالي منصوبا آڻينداسين.

مسلم  ليگ ن جي صدر چيو ته پاڪستان جي عوام مايوس ۽ مجبور ڪندڙ ڪشمير جي عوام کي به ڪجهه نه ڏئي سگهيا.

هن دعويٰ ڪئي ته جيئن پنجاب سميت سڄي ملڪ کي ترقي ڏني، اهڙي طرح آزاد ڪشمير جي عوام کي به هن جو حصو ڏينداسين.

هن وڌيڪ چيو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو عوام اليڪشن جي ڏهاڙي تي گهرن مان نڪري ۽ شينهن تي ٺپو هڻي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.