پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل ، ڏھرڪي ۽ خيرپور جون خبرون

پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل جي چونڊ لاءِ پروفيسر ڊاڪٽر ڀواني جا ڪاغذ منظور

 

ڏهرڪي:ڳوٺ رسول ڪوڀر جي رهواسي پاران بااثرن جي ڏاڍ جون دانهون

 

خيرپور:ڳوٺ ڪوڙک خان جي رهواسي عورتن جو پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج

پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل جي گورننگ باڊي جي چونڊ لاءِ مهراڻ يونيورسٽي جي صلاحڪار پروفيسر ڊاڪٽر ڀواني شنڪر چوڌري جا نامزدگي ڪاغذ منظور ٿي ويا ،. ان سلسلي ۾ پروفيسر ڊاڪٽر ڀواني شنڪر صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل 36 ورهين کان انجنيئرنگ جي ميدان ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهيان، هن وقت تائين انجنيئرنگ جي گريجوئيٽس جي ڪيريئر ڪائونسلنگ لاءِ 400 کان وڌيڪ عالمي توڙي ملڪي سطح تي ورڪشاپ، سيمينار ۽ ٻيا پروگرام ڪرائي چڪو آهيان، سوين شاگردن کي ٻين ملڪن ڏانهن اسڪالرشپ تحت اماڻيو آهي جيڪي اتان پنهنجن شعبن ۾ سکيا حاصل ڪري آيا آهن. ڊاڪٽر ڀواني شنڪر چوڌري وڌيڪ چيو ته سندس ڪوشش آهي ته پاڪستان انجنيئرنگ  ڪائونسل جي سهڪار سان هر يونيورسٽي ۾ هڪ انوويشن سينٽر کوليو وڃي .

2

ڏهرڪي ڀرسان ڳوٺ حاجي رسول ڪوڀر جي رھواسي بشير احمد ڪوڀر ۽ سندس والد جميل ڪوڀر ڏهرڪي۾ ميڊيا اڳيان احتجاج ڪندي دانهيندي چيو ته مان هڪ نجي ڪمپني ۾ ويلڊر جو ڪم ڪندو آهيان منهنجا مائٽ مون کي زمين جي معاملي تي هراسان ڪندا رهندا آهن پر هاڻي منهنجي مائٽن سڀ حدون ڪراس ڪري هڪ ڊرامو رچائي منهنجي ننڍڙي ٻارنهن سالن جي  پٽ بشير احمد تي چئن ٻارن جي ماء مسمات ف سان مبينا طور ڪارنهن جو الزام هڻي ڇڏيو آهي ،۽ صدام ڪوڀر عمران ڪوڀر ۽ سرور ڪوڀر منهنجي پٽ کي روز مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ،هن  ايس ايس پي ۽ ٻين وس وارن کان تحفظ ۽ انصاف  جو مطالبو ڪيو

3

خيرپور شاهه لطيف پوليس ٿاڻي جي حد ڳوٺ حاجي ڪوڙل خان جي رهواسين پاران  بي سيڪشن ۽ اي سيڪشن پوليس جي ظلم خلاف احتجاج ڪيو ويو ، ان سلسلي ۾ مسمات شبير فاطمه موريجو ، هدايت خاتون، الهرکيو، ڪاظم علي موريجو احتجاج ڪندي ٻڌايو ته  انهن جي ڏهين درجي جي شاگرد عقيل موريجو جو دماغي توازن گذريل ٽن سالن کان درست نه هو جنهن جو علاج به هلندڙ آهي، پر  ڪجهه ڏينهن اڳ اي سيڪشن پوليس ۽ بي سيڪشن پوليس نوجوان کي رستي مان پڪڙي  لاڪب ڪري ٻه ڏينهن لاڪب ۾ رکي  هاف فرائي ڪري مٿس ڦر جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪري جيل اماڻي ڇڏيو آهي ، هنن ايس ايس پي ۽ ٻين واس وارن کان مطالبوڪيو ته معاملي جو نوٽِيس وٺي انهن سان انصاف ڪري تحفظ ڏنو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.