وزير اعظم مون کي مستعفي ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو آهي: فردوس عاشق اعواڻ

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير جي خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ سيالڪوٽ مڪاني چونڊن جي مهم ۾ لهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو پر وزير اعظم کيس عهدي تان مستعفي ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته سيالڪوٽ ۾ اليڪشن جو محاذ گرم آهي، ان سلسلي ۾ وزير اعظم ۽ وڏي وزير کان چونڊ مهم ۾ حصو وٺڻ جي اجازت گهري آهي، مستعفي ٿي پارٽي اميدوار جي مهم هلائڻ چاهيون ٿا.

فردوس عاشق اعواڻ چيو ته مستعفي ٿيڻ جي اجازت ملڻ تائين خاص مددگار طور ڪم جاري رکنديس.

ان کان سواءِ بيان ۾ هن چيو ته وزير اعظم عمران خان هن کي مستعفي ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو آهي ۽ ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪئي آهي.

فردوس عاشق جو چوڻ هو ته هن سيالڪوٽ جي مڪاني چونڊن ۾ جي مهم ۾ شرڪت لاءِ وزير اعظم کان مستعفي ٿيڻ جي اجازت طلب ڪئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.