وزيراعظم پ پ لاءِ خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي، سنڌ ۾ جلسن جو اعلان

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان آگسٽ کان سنڌ ۾ سياسي جلسا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان جي جلسن ۾ وڏيون وڏيون شخصيتون تحريڪ انصاف ۾ شموليت اختيار ڪنديون.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پ پ مخالف سياسي قوتن سان ملاقاتون ۽ انهن کي پاڻ سان گڏائڻ به سنڌ پلان جو حصو هوندو.

ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان سنڌ جي حوالي سان عيد کانپوءِ هڪ ٻيو اجلاس گهرايو آهي، جنهن ۾ سنڌ پلان کي حتمي شڪل ڏني ويندي، جڏهن ته ان ئي اجلاس ۾ سنڌ ايڊوائزري ڪميٽي جو نالو به فائنل ٿيندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاق جي منصوبن ۾ رنڊڪن تي اهم فيصلا به عيد کانپوءِ ٿيندا، جڏهن ته مبينا ڪرپشن ۾ ملوث يا سياسي ڪردار ادا ڪندڙ بيورو ڪريٽن خلاف ڪارروائي تي به مشاورت ٿيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.