ڪڪڙ لڳ پسند پرڻي تان ڌرين ۾ ڇڪتاڻ، فائرنگ

ڪڪڙ (ن ع آ) ڪڪڙ ٿاڻي جي حد ۾,ڳوٺ وسائي ۾ ناري ريحانه ڌي گل محمد ملاح نوجوان گلزار پنھور سان پسند جي پرڻي کانپوء ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي آھي. ڪالهھ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي جي وارثن جي ٻنھي ڌرين ۾ فائرنگ جا منھن کولي ڇڏيا ۽ ڌرين ۾ خونريزي جو خطرو پيدا ٿي ويو  آھي جنھن کانپوء  ڪڪڙ پوليس واقعي واري ھنڌ پھتي ۽ ڌرين جي ماڻھن سان ڳالھيون ڪيون ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ لاء منٿون ڪندي رھي جنھن کانپوء پوليس سان پڻ جھڙپيون ٿيون پوليس ٻن ڪلاڪن تائين ھلندڙ   فائرنگ بند ڪرائي وئي ۽ ٽن منير بدر نديم کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آھي ھوڏانھن پسند جو پرڻو ڪندڙ نوجوان گلزار پنھور جي ڀاء اعجاز چيو آھي ٻ ھفتا اڳ ڀاء گلزار ناري ريحانه ڌي گل محمد ملاح سان 7 جولاء تي نوشھرو فيروز جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪيو آھي جنھن تي ناري جي وارثن ڏمرجي پيا آھن غلام نبي ملاح غلام محمد روشن منظور ياسين سميت ٻين  ھٿيارن کڻي اسان جي گھر مٿان فائرنگ ڪئي ۽ ھٿيارن جي زور تي پوليس جي موجودگي ۾  اسان جي گھر ۾ پيل سونا زيور اناج 2 موٽر سائينڪلون چوپايومال 6 لک روپيا روڪ رقم ۽ ٻيو سامان ڦرلٽ ڪري کڻي ويا آھن جيڪو وڏو ظلم ۽ ناحق ٿيو آھي ۽ پوليس اسان جي ٽن ماڻھن کي گرفتار ڪيو آھي جيڪا ساڻس زيادتي آھي گرفتار ٿيل ماڻھن کي آزاد ڪري ڦرڪيل سامان واپس ڪرايو وڃي ساڻس انصاف ڪيووڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.