ميرپور خاص ۾ گونگي ۽ ٻوڙي نينگري سان زيادتي ڪوشش

ميرپورخاص (بيرورورپورٽ) ميرپورخاص شهر جي مک علائقي گورنمنٽ بوائز ماڊل ڪاليج لڳ وحشي صفت انسان آصف آرائين پاران 14 ورهين جي گونگي ٻوڙي ۽ مست معصوم نينگري رحمت سولنگي سان مبينا طور رڪشي ۾ ڏاڍائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اهڙي اطلاع حد جي ٽائون پوليس کي ملڻ تي پوليس ڪاروائي ڪندي وحشي صفت انسان کي گرفتار ڪري وومين پوليس حوالي ڪيو، واقعي بعد وومين پوليس مبنيا ڏاڍائي جو شڪار بڻيل معصوم نينگري کي ۽ سندس امڙ کي ٿاڻي تي گھرائي حقيقت معلوم ڪئي جنهن بعد سندس امڙ شمع ۽ وارثن پاران جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ معصوم نينگري جي والد جي پهچڻ تائين جو وقت گھريو، ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي وومين ٿاڻي جي ايس ايڇ او مومل لغاري چيو ته مبنيا ڏاڍائي جي ڪوشش جو شڪار بڻيل معصوم نينگري جي وارثن سان رابطو ٿي ويو آهي وارثن پاران ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ٿاڻي تي اچڻ جو چيو ويو آهي جن جي انتظار ۾ ويٺل آهيون وارثن جي اچڻ شرط ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي ويندي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.