غوثپور پوليس ٻن ڄڻن کي اغوا کان بچائي ورتو

غوثپور (ن ع آ)  غوثپور پوليس ڪچي جي ڍنڍي واري علائقي مان مبينه اغوا ٿيندڙ ٻن ڄڻن خيرپور واسي اڪبر پنھيار ۽ زور ڳڙھ واسي محبوب گولو کي ٽيليفون جي ٽريسنگ ذريعي ڪچي وڃڻ کان روڪي کين مبينه اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو آھي۔ ان سلسلي ۾ پوليس سان رابطو ڪيو ويو ته ايس ايڇ او غلام سرور ٻرڙو ٻڌايو ته جاگيراڻي ۽ تيغاڻي گينگ جي ڏوھارين خيرپور واسي اڪبر پنھيار کي عورتاڻي آواز تي ھرکائي دوستي رکڻ بھاني ۽ زور ڳڙھ واسي محبوب گولو  کي تعويذن ڏيڻ بھاني گھرائي دوکي سان اغوا جو منصوبو جوڙيو ھو جيڪو پوليس ناڪام بڻائي ٻنھي ڄڻن کي بچائي ورتو آھي۔ ٻئي پاسي ڏوھاري پوليس جي اچڻ جو ٻڌي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا۔. رابطو ڪرڻ تي اڪبر پنھيار عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته ھڪ عورت مسمات رشيداشيخ فون تي دوستي رکڻ جي بهاني گهرائي  اغوا ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو هو جنهن کي غوثپور پوليس ناڪام بڻائي ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.