لاهور ۾ ڊاڪٽر جي گرفتاري جي مذمت ڪيون ٿا:واءِ سي اي

حيدرآباد(رپورٽر) ينگ ڪنسلٽنٽ ايسوسيئيشن واءِ سي اي سنڌ جي اڳواڻن لاهور ۾ تنظيم جي اڳواڻ ڊاڪٽر حامد بٽ جي گرفتاري جي مذمت ڪندي ڊاڪٽر کي آزاد نه ڪرڻ جي صورت ۾ احتجاج ڪرڻ جو چتاء ڏئي ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ تنظيم جي چيئرمين سنڌ ڊاڪٽر سڄڻ ھاليپوٽو, صدر سنڌ ڊاڪٽر عبدالحميد راڌڻ, سينئر نائب صدر ڊاڪٽر سعدالله چاچڙ, نائب صدر ڊاڪٽر سليم کوسو, جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر ذوالفقار زئنور. ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر خدا بخش کوسو, ڊاڪٽر حسين پل. پريس ترجمان ڊاڪٽر ايشور ڪمار جاري بيان ۾ چيو آهي ته ايم ايس سروسز اسپتال لاهور انتظاميا ڊاڪٽر حامد بٽ خلاف ڪوڙو ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪرايو آهي. هنن چيو ته اسپتال انتظاميا جي اهڙي حرڪت خلاف پنجاب حڪومت نوٽيس وٺي. هنن چيو ته لاهور سروسز اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي حقن لاءِ آواز اٿارڻ جي ڏوهه ۾ حامد بٽ کي گرفتار ڪيو ويو آهي. صحت کاتي پنجاب. سيڪريٽري صحت پنجاب پڻ اسپتال انتظاميا جي ونگار وهندي ڌر ٿي بيٺل نظر آيا آهن. اهڙي عمل جي پڻ مذمت ڪيون ٿا. هنن چتاء ڏنو ته ڊاڪٽرن جي هيرو حامد بٽ کي آزاد ڪيو وڃي. ٻئي صورت ۾ ملڪ ۾  سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.