وڳڻ جو عامر مرکنڊ نه موٽيو، 30 لک ڀنگ طلب

لعلورائنڪ (ن ع آ) لعلورائنڪ لڳ وڳڻ جو مغوي پورهيت نه موٽيو وارثن پاران 30 لک ڀنگ نه ڏيڻ تان ڌاڙيلن عامر مرکنڊ کي نه ڇڏيو 3 مهينا اڳ وڳڻ واسي پورهيت پکو طرف چانھه پيئڻ ويو جتان کيس نامعلوم ڪار سوار کيس اغوا ڪري کڻي ويا پورهيت جي گهر م روڄ راڙو عيد جون خوشيون ماتم ۾ تبديل گهر جو اڪيلو ڪمائيندڙ پٽ هو ڌاڙيلن ظلم ڪيو آ محمد خان مرکنڊ جي ماءُ اشرف خاتون ٻڌايو ته اسان مسڪين پورهيت آھيون ڪيترن ڏينهن تائين گهر جي چلهھ به نه ٻري هنن احتجاج ڪندي دانهون ڪيون ته  پوليس انتظاميه ڪابه مدد ناهي ڪئي،ڪيترائي ڀيرا دانھڻ جي باوجود به انتظاميه ڪوبه رابطو نه ڪيو، ڌاڙيل خدا ترسي ڪري منهنجي ٻچي کي آزاد ڪن هنن حڪومتي عملدار ۽ وس وارن کي اپيل ڪئي پٽ جي بازيابي ۾ مدد ڪئي وڃي، ٻئي طرف ڌاڙيلن پاران عامر مرکنڊ جي وارثن کي ڌمڪي ڏني ته 30 لک عيد تائين نه مليا ته عيد تي توهان ڏي نوجوان جو لاش موڪليو ويندو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.