سراج دراني جي ضمانت درخواست تي ٻڌڻي ملتوي

ڪراچي (رپورٽر )سنڌ هاءِ  ِڪورٽ جي خصوصي بئنچ جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس اقبال ڪلهوڙي تي ٻڌل بئنچ آمدني کان وڌيڪ ملڪيتون ٺاهڻ واري ڪيس ۾  صوبائي اسيمبلي جي اسپيڪرآغا سراج دراني سميت ٻين جي ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي 2 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي .جڏهن نيب کان اڳڀرائي رپورٽ به گهري ورتي آهي ،.سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ڪشمير ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه جون وڌيڪ خدمتون آهن، حليم عادل جي چوڻ سان ڇا ٿيندو ،مرتضيٰ وهاب ڪراچي جو ايڊمنسٽريٽر ٿيندو، ڇو ته هو بيريسٽر آهي، هن کي ايڊمنسٽريٽرٿيڻ گهرجي .

وزيراعظم عمران خان گورنر سميت سنڌ جي اهم پارٽي اڳواڻن کي  اسلام آباد طلبي ورتو

اسلام آباد (م ڊ ) وزيراعظم عمران خان گورنر سميت تحريڪ انصاف سنڌ جي اڳواڻن کي وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد طلب ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب سنڌ جو گورنر  عمران اسماعيل ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ حليم عادل شيخ اڄ اسلام آباد پهچندا، ذريعن ٻڌايو آهي ته وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ۾ سنڌ صوبي جي سياسي صورتحال ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي پارٽي معاملن تي ڳالهيون ڪيون وينديون.

ڊاڪٽر عاصم ڪيس ۾ شاهد جو وڊيو بيان

ڪراچي (رپورٽر)احتساب عدالت ۾ ڊاڪٽر عاصم حسين سميت ٻين جي ڪرپشن ريفرنس ڪيس جي ٻڌڻي دوران شاهد اشفاق حسين وڊيو لنڪ جي ذريعي موجود هو ،  وڪيلن جي سولن جوابن بعد  . عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 4 آگسٽ تائين ملتوي ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي شاهد جو بيان قلم بند ڪيو ويندو .

خورشيد شاهه ۽ ٻين جي خلاف اثاثا ريفرنس، ٻڌڻي ملتوي

سکر (رپورٽر) پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه ۽ ٻين جي خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ريفرنس جي ٻڌڻي 4 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.پاڪستان يپپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ سيد خورشيد  احمد شاهه، ان جي پٽن ايم پي اي سيد فرخ شاهه، زيرڪ شاهه، ناٺي صوبائي وزير سيد اويس قادر شاهه، ٻن زالن سميت 17 جوابدارن جي خلاف هڪ ارب 23 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ آمدني جا اثاثا ٺاهڻ جي الزام ۾ داخل ريفرنس جي ٻڌڻي سکر جي احتساب عدالت ۾ ٿي.ٻڌڻي عدالت جي جج فريد انور قاضي ڪئي. ان موقعي تي خورشيد شاهه کي اين آءِ سي وي ڊي اسپتال مان ايمبولينس تي ۽ ان جي پٽ ايم پي اي فرخ شاهه کي سينٽرل جيل کان بڪتر بند گاڏي ۾ عدالت آڻي پيش ڪيو ويو. ٻڌڻي جي موقعي تي عدالت جي ٻاهران سيڪيورٽي جا سخت انتظام رهيا.ان دوران نيب طرفان ريفرنس جا گواهه عدالت ۾ پيش ٿيا. جن مان خورشيد شاهه ۽ ٻين جوابدارن جي وڪيلن ڪافي دير تائين جرح ڪئي انهن جي جرح جاري هئي ته عدالت ٻڌڻي 4 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.