ڪراچي ۾سماجي اڳواڻ جا قاتل گرفتار نه ٿيا، احتجاج جو اعلان

ڪراچي(رپورٽر)گلستان جوھر بلاڪ 8 آرڪيٽيڪٽ اينڊ انجنيئرز ڪوآپريٽو ھائوسنگ سوسائٽي ۾ سماجي اڳواڻ ۽ انجمن آرائين  پاڪستان سنڌ جي اڳواڻن ميان عبدالسلام آرائين، نصير احمد آرائين ۽ ٻين  پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اظھر اقبال آرائين کي ان جي گھر ٻاھران معصوم ٻارن اڳيان بي رحمي سان قتل ڪيو ويو،  پوليس قاتل گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي،  اڳواڻن جو چوڻ ھيو ته اظھر اقبال آرائين  سوشل ورڪر هو ،قاتلن کي گرفتار نه  ڪيو ويو ته عيد کانپوءِ سموري سنڌ ۾ احتجاج ڪيا ويندا،هنن مطالبو ڪيو ته  لينڊ مافيا خلاف ڪارروائي ڪري واقعي جو فوري طور نوٽس وٺي قاتلن کي گرفتار ڪري قانون مطابق سخت سزائون ڏئي انصاف فرھام ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.