ڊاڪٽر شاهد رسول جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي جو وي سي مقرر

ڪراچي(رپورٽر) جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي جي پي سي بي (پرو وائيس چانسلر) ڊاڪٽر شاهد رسول کي وي سي مقرر ڪيو ويو  آهي،سيڪريٽري بورڊز ۽ يونيورسٽيز ڊاڪٽر منصور عباس طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ وائيس چانسلر ڊاڪٽر امجد سراج ميمڻ جي مقرري جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ سنڌ جي  وڏي وزير پنهنجا اختيار استعمال ڪندي ڊاڪٽر شاهد رسول کي وي سي مقرر ڪيو آهي، ياد رهي ته ڊاڪٽر امجد سراج ميمڻ جي وائيس چانسلر طور مقرري کي عدالت ۾ چيلينج ڪيوويو آهي.

وزيراعظم، فردوس عاشق اعواڻ کي استعيفيٰ کان روڪي ڇڏيو

لاهور (م ڊ) وزيراعظم عمران خان پنجاب جي وڏي وزير جي خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ کي استعيفيٰ ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو.ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان، فردوس عاشق اعواڻ کي استعيفيٰ نه ڏيڻ جو چوندي کيس پنجاب ۾ حڪومتي ڪارڪردگي وڌيڪ اجاڳر ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. واضح رهي ته فردوس عاشق اعواڻ سيالڪوٽ جي ننڍي چونڊ ۾ حصو وٺڻ لاءِ پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ جو اعلان ڪيو هو.ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن جي پابندين کان بچڻ لاءِ فردوس عاشق اعواڻ اهڙو فيصلو ڪيو.03

وزيراعظم معذور ٻارڙي سان زيادتي ڪوشش جو نوٽيس ورتو

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم عمران خان اوڪاڙه ۾ معذور ننڍڙي ڄمار جي ٻارڙي سان زيادتي جي مبينا ڪوشش جي واقعي جو  سخت نوٽيس وٺندي پوليس کي فوري جاچ ۽ جوابدارن جي گرفتاري جو حڪم ڏنو آهي. ڪالهه سومر ڏينهن سٽيزن پورٽل تي ٻارڙي جي والده شڪايت ڪئي هئي ته ڪيس جو جاچ آفيسر ڪارروائي ڪرڻ بدران کانئس رشوت ورتي. وزيراعظم واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي معاملي جي فوري جاچ جو حڪم ڏنو. وزيراعظم جي هدايت تي وزيراعظم ڊيليوري يونٽ ڊي پي او اوڪاڙه کي فوري ڪارروائي جي هدايت ڪئي جڏهن ته ڊي پي او اوڪاڙه لاڳاپيل جاچ آفيسر کي معطل ڪري ڇڏيو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته معاملي جي شفاف جاچ ڪئي وڃي، جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ فوري قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. وزيراعظم عمران خان ڊي پي او اوڪاڙه کي جاچ بابت آگاهه رکڻ جي پڻ هدايتڪ ئي آهي.

اسد قيصر ۽ قاسم خان سوري جو تونسه حادثي تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد (م ڊ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان  سوري ڊي جي خان جي علائقي تونسه شريف ۾ بس ۽ ٽرڪ ۾ ٿيندڙ ٽڪر جي نتيجي ۾ قيمتي انساني جانين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر ڪالهه سومر ڏينهن پنهنجي جدا جدا تعزيتي بيانن ۾ سوڳوار خاندانن سان همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته اهي ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ انهن سان گڏ آهن. هنن الله تعاليٰ کان مرحومن جي ايصال ثواب ۽ ڏکويل خاندانن کي ان ناقابل تلافي نقصان کي برداشت ڪرڻ جي لاءِ صبر جميل عطا فرمائڻ جي دعا ڪئي. اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر ان حادثي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ۽ لاڳاپيل ادارن کي زخمين جي بهتري طبي سهولتن جي فراهمي جي هدايت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.