افغان سفير جي ڌيءَ واري واقعي ۾ ڪجهه نه لڪائبو: شاهه محمود

اسلام آباد ( م ڊ )  پاڪستان جي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته هن افغان حڪومت کي يقين ڏياريو آهي ته افغان سفير جي  ڌيءَ واري واقعي ۾ سموريون حقيقتون پڌريون ڪيون وينديون ۽ ڪا شيءِ نه لڪائي ويندي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته هن اڄ صبح افغان هم منصب سان فون تي ڳالهايو ۽ کيس چيو ته پاڪستاني حڪومت مڪمل تعاون جو ارادو رکي ٿي، ڪا شيءِ ناهي لڪائڻي، وزيراعظم ذاتي طور نوٽيس ورتو آهي. پوري جاچ جي مانيٽرنگ ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ڏوهارين کي بي نقاب ڪري انصاف جا تقاضا پورا ڪنداسين. افغان سفارتخانن جي سيڪيورٽي پهرين به مناسب هئي هاڻ وڌيڪ وڌائي وئي آهي. هن چيو ته اسان کي افغان حڪومت کان به تعاون گهربل آهي، اسان کيس سفير ۽ عملي کي واپس گهرائڻ واري فيصلي تي نظرثاني لاءِ چيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.