ٿرڪول بلاڪ ٻه ۾ پورهيتن تي تشدد ۽ قيد ڪندڙ جوابدارن جي ضمانت لاءِ درخواست

مٺي(رپورٽ:غازي بجير) ٿرڪول بلاڪ ٽو تي 20 ڏينهن اڳ ۾ چوري واري ڪيس ۾ سڪيورٽي گارڊن هٿان وحشياڻي تشدد ۾ فوت ٿيل مقتول پورهيت دودي ڀيل واري داخل قتل ڪيس بعد وڌيڪ ٻن متاثر پورهيتن تشدد  جو شڪار ٿيل غلام قادر کوکر ۽ قيد رکڻ جي الزام هيٺ پورهيت صديق راهمون پاران داخل ڪرايل ڪيسن ۾ گرفتار ٿيل ٻن مُک جوابدارن ڪمانڊر ڪاشف رضا ۽ گارڊ قمرعباس جي ضمانت لاءِ سندن وڪيل امدد الله اُنڙ مٺي جي جُڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي،ضمانت واري داخل ڪرايل درخواست بعد عدالت پاران 26 جولاءِ تي ڪيس جي ٻُڌڻي مقرر ڪئي ويئي آهي،جڏهن ته مقتول دودي جي قتل ۽ پورهيتن تي ٿيل تشدد واري ڪيس ۾ مٺي بار طرفان وڪيل وسند ٿري سمورن وڪيلن جو گڏيل وڪالت نامو پيش ڪري ڇڏيو آهي،جڏهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران ورتل نوٽيس بعد مقرر ڪيل دودي ڪيس جي انڪوائري آفيسر ڊي ايس پي سراج لاشاري به عدالت ۾ پيش ٿي گرفتار ٿيل مُک جوابدارن جي دودي جي قتل واري ڪيس ۾گرفتاري ظاهر ڪرڻ جي درخواست ڪئي،جنهن تي عدالت پاران 24 تاريخ تي ٻڌڻي مقرر ڪري ڇڏي آهي،اُنهي سلسلي ۾ دودي قتل ڪيس جي جاچ ڪندڙ ڊي ايس پي سراج لاشاري عوامي آواز کي ٻُڌايو ته قتل ڪيس جا مُک جوابدار ٻين ڪيسن ۾ جُڊيشل لاڪپ حوالي آهن،اسان دودي ڪيس جي جاچ ڪيون پيا،عدالت ۾ پيش ٿي اپيل ڪئي آهي ته دودي واري ڪيس ۾ جوابدارن جي گرفتاري ڏني وڃي،اسان گرفتاري ظاهر ڪنداسين جنهن بعد ڀلين جوابدارن کي جُڊيشل لاڪپ حوالي ڪيو وڃي،جنهن تي عدالت سڳوري 24 تاريخ تي ٻُڌڻي مقرر ڪئي آهي،ڄاڻايل تاريخ تي عدالت فيصلو ڪندي،دودي واري ڪيس ۾ مُک جوابدارن جي سنڌ هاءِ ڪورٽ 15 تاريخ تائين حفاظتي ضمانت ڏني هئي،جيڪا ختم ٿي چُڪي آهي، ٻئي پاسي دودي جي قتل ۽ پورهيتن تي تشدد واري ڪيس ۾ پيش ٿيل وڪيل وسند ٿري عوامي آواز کي ٻُڌايو ته اسان پنهنجو وڪالت نامو عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي،عدالت سڳوري پورهيتن تي تشدد ۽ قيد رکڻ واري ڪيس جي ٻُڌڻي 26 تاريخ تي مقرر ڪئي آهي،دودي ڀيل واري قتل ڪيس جي جاچ ڪندڙ آفيسر به عدالت ۾ پيش ٿيو هو،جنهن دودي ڪيس ۾ مُک جوابدارن جي گرفتاري ظاهر ڪرڻ لاءِ عدالت کي درخواست ڏني،عدالت پاران 24 تاريخ تي ٻُڌڻي مقرر ڪئي آهي،هن چيو ته ٿر پارڪر جي سمورن وڪيلن پاران دودي ڀيل جو ڪيس مفت ۾ وڙهڻ جو اعلان ڪيو آهي،سمورن وڪيلن جي صحيحن سان وڪالت نامو عدالت ۾ جمع ڪرايو آهي،اسان دودي ڀيل جي قتل سميت ٻين پورهيتن تي تشدد وارو ڪيس مفت ۾ وڙهي رهيا آهيون،جوابدارن جو ڪيس وڙهڻ لاءِ ٿر مان ڪنهن به وڪيل وڪالت نامو جمع ناهي ڪرايو،اسان سڀني ٿر جي وڪيلن هڪ پليٽ فارم تي گڏجي ڪيس وڙهڻ جو فيصلو ڪيو آهي،

تشدد ڪندڙ پوليس عملدارن خلاف ڪمپلين سيل ۾شڪايت داخل

مٺي:تشدد ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪريو،بي آءِ ايف جي وفد ايس ايس پي آفيس جي ڪمپلين سيل ۾ شڪايت داخل ڪرائي ڇڏي،اُنهي  سلسلي ۾ اڳواڻن پي ٽي آءِ اڳواڻ وڪيل لجپت راءِ سوراڻي ۽ بي آءِ ايف جي گومون ڀيل جي اڳواڻي ۾ وفد ايس ايس پي آفيس پهچي مقتول دودي ڪيس جي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڌرڻو هڻي ويٺلن تي تشدد ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ درخواست ڏني،لجپت راءِ سوراڻي رابطي تي عوامي آواز کي ٻُڌايو ته اسان سپريم ڪورٽ جي ايڪٽ تحت ڌرڻو هڻي ويٺلن تي تشدد ڪندڙن خلاف ڪارروائي لاءِ شڪايت داخل ڪرائي آهي،جنهن ۾ اسان مطالبو ڪيو آهي ته ايس ايس پي،ڊي ايس پيز ۽ ايس ايڇ او اسان تي بناجواز تشدد ڪيو آهي، معاملي جي جاچ ڪري ملوث عملدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي،هن ڪمپلين جو مدو ٽي ڏينهن هوندو آهي جيڪڏهن پوليس ڪا به ڪارروائي نه ڪئي ته اسان تشدد ڪندڙن خلاف سيشن ڪورٽ مٺي ۾ ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ پٽيشن داخل ڪرائينداسين،

دودي قتل ڪيس جي جاچ ڪندڙ ٽيم کي سي سي ٽي وي فوٽيجز هٿ اچي ويا

مٺي:دودي واري قتل ڪيس جي جاچ ڪندڙ ٽيم کي اهم سي سي ٽي وي ڦوٽيج هٿ اچڻ جو انڪشاف ٿيو آهي،ذريعن  کان مليل رپورٽن موجب سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان جوڙيل جاچ ٽيم کي  انڪوائري دوران دودي ڀيل تي ڪيل تشدد جون شاهديون سي سي ٽي وي ڦوٽيجز ۾ هٿ آيون آهن،جنهن بعد پوليس گرفتار ٿيلن کي دودي جي قتل ڪيس ۾ مُک جوابدار طور باقاعده نامزد ڪري ڇڏيو آهي،معلوم ٿيو آهي ته دودي ڀيل تي ڪمپني اندر ڪيل تشدد جا سي سي ٽي وي ڦوٽيجز پوليس هٿ ڪري ورتا آهن،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.