خيرپور: عمران خان رڳو اپوزيشن جي ڪردار ڪشي ڪري رهيو آهي: نفيسا شاهه

پاڪستان پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر نفيسا شاهه چيو آهي ته وفاقي بجيٽ صرف ڪاغذي ڪارروائي ھئي، ھر مھيني گيس پيٽرول جي رقم وڌائڻ جي مد ۾ عوام تي بار وڌو وڃي ٿو،

حڪومت کي ھن ملڪ جي حقيقت کي ڏسي پرڏيهي پاليسي ٺاھڻي پوندي، خيرپور ۾ پارڪ جي افتتاح کانپوءِ ميڊيا سان ڳالھ ٻولهه  ڪندي سندس چوڻ  هو ته حڪومت اھڙيون حرڪتون نه ڪري جو افغانستان جي جنگ سُري پاڪستان ۾ اچي وڃي، ملڪ جون حالتون تمام خراب آهن ، سندس چوڻ  هو ته سنڌ جي اپوزيشن کي ڪوئي نه ٿو ٻڌي، نفيسا شاهه  چيو ته عمران خان پاڪستان جي مسئلن کي ڇڏي صرف اپوزيشن جي ڪردار ڪشي ڪري رهيو آهي، هن چيو ته حڪومت هوش نه سنڀاليو ته پاڪستان بين الاقوامي مسئلن جي وڙ چڙهي ويندو،

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.