شھيد مير شاھنواز ڀٽو جي 36 ھين ورسي نھايت ئي عقيدت ۽ احترام سان ملھائي ويئي

شھدادڪوٽ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي (شھيد ڀٽو) طرفان شھيد مير شاھنواز  ڀٽو جي 36 ھين ورسي نھايت ئي عقيدت ۽ احترام سان ملھائي ويئي، شھر جي مقامي شادي ھال ۾ رٿيل ورسي واري تقريب ۾ پارٽي اڳواڻن, ڪارڪنن سميت مختلف مڪتب فڪر جي اڳواڻن ۽ شهرين جي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري شھيد مير شاھنواز جي زندگي تي روشني وڌي،  تقريب کي خطاب ڪندي پ پ شھيد ڀٽو جي اڳواڻن منير بروھي,وزير کوسو,ذوالفقار مگسي ۽ ٻين چيو ته شھيد شاھنواز ڀٽو جي المناڪ شھادت جو غم اڄ به تازو آھي جيتوڻيڪ واقعي کي ٽي ڏھاڪا گذري چڪا آهن پوء به ان ڏک مان نڪري نه سگھيا آھيون,ھنن چيو ته شھيد جي جمھوررت ۽ ضياء جي آمريت خلاف ويڙھ تاريخ جو نه مٽجندڙ  باب آھي جنهن پنهنجي جان جو نذرانو ڏيئي ڪروڙين روشن خيال ۽ جمهوريت پسند ماڻهن کي  ويساھ بخشيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.