ڪراچي: اسٽيل ٽائون مان پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان جا ٻه دهشتگرد گرفتار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پوليس اسٽيل ٽائون ۾ ڪارروائي ڪري پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان سجنا گروپ جي ٻن دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو.

پوليس موجب ٻنهي جوابدارن 2013ع ۾ ٽي ٽي پي سجنا گروپ ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ افغانستان مان تربيت حاصل ڪئي، دهشتگردن جي قبضي مان شارٽ مشين گن، دستي بم ۽ ٻيو سامان تحويل ۾ ورتو ويو آهي.

پوليس موجب گرفتار دهشتگرد سيف الله عرف محسن عرف صدام حسين 2013ع ۾ نيٽو جو سامان کڻي ويندڙ ڪنٽينر کي ساٿين سان گڏجي باهه ڏيڻ جو اعتراف ڪيو، واردات کانپوءِ جوابدار ڪراچي مان فرار ٿي شوال واري علائقي ۾ هليا ويا هئا جتي ساٿين سان گڏجي پاڪستان آرمي جي جوانن تي مختلف وقتن ۾ حملا ڪرڻ جا به انڪشاف ڪيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.