پير ڳوٺ ويجهو ڪارروائي، ٻن ٻارن سميت اغوا ٿيل عورت آزاد

پيرجوڳوٺ(رپورٽ: علي گل جوڻيجو) پريالوءِ لڳ ڪراچي ۽ پريالوءِ پوليس جي گڏيل ڪاروائي، ڪراچي مان اغوا ٿيل عورت سميت 3 ٻارڙن کي بازياب ڪرائڻ جي دعوا، خبرموجب،  پريالوءِ ڳاڙهي موري شهر ۾ ڪراچي ۽ پوليس گڏيل ڪاروائي ڪري هڪ بند جڳهه تي ڇاپو هڻي ڪراچي مان اغوا ٿيل عورت صدف، نياڻي افرا، پٽ مدثر کي بازياب ڪرائڻ جي دعوا ڪئي آهي. ان ڏس ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته ٻه هفتا اڳ عورت کي معصوم ٻارڙن ڪراچي مان اغوا ڪيو ويو هو. جن کي ڳاڙهي موري ۾ هڪ جڳهه مان بازياب ڪرايو آهي. پوليس جانچ ڪري رهي آهي. اغوا واقعي ۾ ملوث ماڻهن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.