مبارڪپور لڳ ٻارڙي تلاءَ ۾ ٻڏي فوت

مبارڪپور ( ن ع آ )  مبارڪپور ڀرسان ڳوٺ عبدالقادر کوسو ۾ 9 ورهين جي  نينگري سويرا  ڌيءَ الله داد ڪيهر پنهنجي گهر اڳيان راند ڪندي  پاڻي جي تلاءَ ۾ ڪري پئي، نينگري جي تلاءَ ۾ ڪرڻ جي اطلاع تي ڳوٺ وارا ۽ وارثن ڳوالا ڪئي ۽ نينگري کي هٿ ڪري ورتو،  جنهن کان پوءِ وارثن بيهوشيءَ واري حالت ۾  ڪڍي  مقامي اسپتال کڻائي ويا، جتي ڊاڪٽرن پاران نينگريءَ جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، جڏهن نينگريءَ جو لاش گهر پهچڻ تي سندس گهر ۾ روڄ راڙو  مچي ويو آهي ۽ امڙ کي بيهوشي جا دورا پئجي ويا، معصوم نينگري کي ڳوٺ لڳ اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته معصوم نينگري جي فوت ٿيڻ تي پورو علائقو سوڳوار بڻيل آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.