لاڙڪاڻي پوليس جي تشدد ۾ ڦر ڪيس جي جوابدر جي حالت ڳڻتي جوڳي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ پوليس جي مبينا تشدد ۾ ڦر ڪيس جي جوابدار جي حالت ڳڻتي جوڳي، پوليس جوابدار کي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، پوليس تشدد وارن الزامن کي رد ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ ڪالهه لاڙڪاڻي شهر جي دڙي ٿاڻي جي پوليس طرفان ڪجهه ڏينهن اڳ موٽرسائيڪل ڦر واري ڪيس ۾ گرفتار ڪيل جوابدار عبدالرشيد ميراڻي کي مبينا طور لاڪپ ۾ تشدد جو نشانو بڻايو جنهن جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ تي دڙي پوليس کيس ڪالهه چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو جتي ڊاڪٽرن پاران جوابدار کي طبي امداد ڏني وئي. ان حوالي سان دڙي ٿاڻي جي پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته جوابدار عبدالرشيد ميراڻي موٽرسائيڪل ڦر واري ڪيس ۾ گهربل هو جنهن کي ڪجهه ڏينهن اڳ گرفتار ڪري 7 موٽرسائيڪلون هٿ ڪري اهڙو ڪيس داخل ڪيو ويو. پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته جوابدار مٿان لاڪپ اندر ڪنهن به قسم جو تشدد ناهي ٿيو جنهن جي طبيعت لاڪپ ۾ اوچتي خراب ٿي هئي ان تي کيس چانڊڪا اسپتال آندو جتي کيس طبي امداد ڏياري وئي آهي. هوڏانهن ڊيوٽي ڊاڪٽرن جو چوڻ هو ته جوابدار مارڪٽ جي ڪري بيهوش ٿيو جنهن کي پوليس اسپتال آندو جتي سندس جو علاج هلندڙ آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.