پي ايم سي مان گم نوجوان نه موٽيو، اغوا جو شڪ

نوابشاھه (ڊ ر) شهيد بينظير آباد ضلعي جي 64نصرت جو رھواسي نوجوان خان محمد لنڊ خميس ڏھاڙي موٽرسائيڪل تي پي ايم سي اسپتال نوابشاھ مان ايڪسري ڪرائڻ آيو ۽ اسپتال مان غائب ٿي ويو وارٽ ڳولا ڪندي اسپتال پھتا ته سندس موٽرسائيڪل لاوارث بيٺل ملي جڏھن ته سندس موبائيل به بند آھي اي سيڪشن ٿاڻي تي ايف آءِ آر داخل ڪرائي وئي آھي پر پوليس چار ڏھاڙا گذرڻ باوجود نوجوان جي ڳولا بابت ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آھي گم ٿيل نوجوان جي والد اختيار علي لُنڊ ٻڌايو ته اسان جي ڪنھن سان به دشمني نه آھي ممڪن آھي کيس ڌوکي سان اغوا ڪيو ويو ھجي پوليس جي اعلي  اختيارين کي نوٽيس وٺڻ گھرجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.