سکر ۾ ڏنڊا بردار ماڻهن جو منڊي ۾ حملو،جانور گاڏي ۾ وجهي کڻي ويا

سکر(رپورٽر) سکر ۾ نامعلوم ڏنڊا بردار ماڻهن پاران مويشي منڊي ۾ مويشي کي کڻي ايندڙ ماڻهن تي ڏنڊا سان حملو ڪرڻ بعد مويشي کي ميونسپل جي گاڏي ۾ وجهي فرار ٿي ويا، جڏهن ته مزاحمت ڪرڻ تي ڏنڊا برادر ماڻهن پاران مويشي مالڪن مٿان ڏنڊن سان حملو ڪري کين سخت زخمي ڪري ڇڏيو آهي، ان ڏس ۾ مويشي کڻي ايندڙ ماڻهن جو چوڻ آهي ته ڏنڊا برادر ماڻهن کي ميونسپل انتظاميه جي سرپرستي حاصل آهي، جڏهن ته زبردستي ٻڪرن کي گاڏي ۾ وجهڻ جي ويڊيو ٺاهڻ تي ڏنڊا برداري نقاب پوش ماڻهن پاران ميڊيا نمائندن کان موبائل فون کسڻ جي به ڪوشش ڪئي وئي، هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو نُوٽيس وٺي مويشي واپس ڪرائي وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.