پکي ويجهو ارٿر شاخ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف سوين آبادگارن جو نٽھڻ اس تي ڌرڻو

پکو  (ن ع آ ) پکو لڳ ارٿر شاخ جي پڇڙي جي آبادگارن ايس يو پي اڳواڻ خالد محمود جتوئي آبادگارن لياقت علي ٻرڙو , نواب ابڙو , طارق منگي , غلام سرور گاڏھي سميت مختلف ڳوٺن جي هارين ۽ آبادگارن جي اڳواڻي ۾ رائيس ڪئنال ريگيوليٽر وٽ ٽائرن کي باھيون ڏئي ڌرڻو هنيو ويو، جنهن سبب لاڙڪاڻو روڊ تي ٽريفڪ بند ٿي وئي،  ان موقعي تي آبادگارن آبپاشي وزير سھيل انور سيال ارٿر شاخ تي مقرر عملدارن خلاف پاڻي چوري ڪرائڻ ۽ پڇڙي سڪائڻ جو الزام ھڻندي چيو ته رائيس ڪئنال مان نڪرندڙ ارٿر شاخ ۽ قادر شاخ سميت رائيس ڪئنال مان نڪرندڙ مختلف شاخن ۾ پاڻي جي ھٿرادو کوٽ سبب سارين جو ٻيجارو سڙي رھيو آھي ، جنهن ڪري آبادگارن  جو لکين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي آبادگارن چيو ته سنڌ ۾ زرعي پاڻي جي هٿرادو کوٽ ڪري آبادگارن کي پاڻي جي ڦڙي لاءِ تڙپايو پيو وڃي، سارين جي فصل جي مند ختم ٿيڻ تي آهي ته ٻئي پاسي پاڻي جي کوٽ هجڻ سبب هن وقت تائين ساريالي فصل جو ٻيجارو به نه پوکجي سگهيو آهي، هنن آبپاشي جي اعليٰ عملدارن کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور تي پاڻي ڏئي آبادگارن مان بي چيني ختم ڪئي وڃي ، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو، ھوڏانھن آبادگارن جي ڌرڻي سبب لاڙڪاڻو روڊ بلاڪ ٿيڻ ڪري روڊ جي ٻنھي پاسن کان ڪيتريون ئي مسافر گاڏيون بيھجي ويون ۽ مسافر نٽھڻ اس ۾ سخت تڪليف کي منھن ڏيندا رھيا .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.