باڊهه جدوجهد کي ٻه سال مڪمل، تعلقي موومينٽ پاران ڌرڻو

باڊهه ( رپورٽ: نظام ڪولاچي ) باڊهه کي  تعلقي جو درجو ڏيارڻ لاءِ جدوجهد کي ٻه سال مڪمل ٿي چڪا، پر شهرين کان ووٽ وٺي اسلام آباد ۾ قومي ۽ ڪراچي ۾ سنڌ اسيمبلي تائين پهتل نمائندن شهرين جي ڏنل عزت ۽ مان جو قدر نه ڪيو. گذريل ٻن سالن کان باڊهه تعلقي موومينٽ جي پليٽ فارم تان مختلف مڪتبه فڪر سان لاڳاپيل اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پاران بنا ڪنهن وقفي جي تتيءَ توڙي ٿڌيءَ هفتيوار احتجاجي تحريڪ کي جاري رکندي هن آچر تي به باڊهه تعلقه موومينٽ جي ڊپٽي ڪنوينرن زيب علي ساريو، مفتي نصير احمد ڀٽو ۽ ڪامريڊ قادر بروهي جي اڳواڻيءَ ۾ باڊهه پريس ڪلب کان حيدر چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي .ريلي ۾ شامل شهرين عزيز بروهي، ايڊووڪيٽ عاصمه ابڙو، نور احمد زهري، دودو ديشي، عبدالستار منگي، علي انور عسڪري، اصغر ساريو ۽ ٻين هٿن ۾ بينر، پلي ڪارڊ ۽ جهنڊا کڻي باڊهه تعلقي بڻجڻ جي حمايت ۾ زوردار نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته باڊهه لاڙڪاڻي ضلعي جو ٻيو نمبر وڏو ۽ قديمي شهر آهي، جنهن جي هڪ الڳ سياسي توڙي ڪاروباري تاريخ آهي ۽ هن شهر مان هميشه پيپلز پارٽي سان لاڳاپيل شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بيگم نصرت ڀٽو سميت مختلف اميدوار وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيندا رهيا آهن، پر افسوس آهي جو هنن باڊهه جي ماڻهن جو قدر ڪرڻ بجاءِ انهن جي ووٽ کي نظر انداز پئي ڪيو ويو آهي. هنن چيو ته سنڌ جي ٻن وڏن وزيرن سيد قائم علي شاهه، سيد مراد علي شاهه ۽ باڊهه مان چونڊيل ايم اين اي خورشيد احمد جوڻيجو ۽ ايم پي اي حزب الله ٻگهيو هڪ نه پر ڪافي دفعا واعدا ڪيا آهن ته باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏنو ويندو. ان کان علاوه باڊهه شهر تعلقي بڻجڻ لاءِ سموريون قانوني گهربل تقاضائون پڻ پوريون ٿيل آهن، ان باوجود ان ۾ رنڊڪ کي اسين واعدا خلافي سان گڏ دوکيبازي سمجهون ٿا، بنا دير پاڻي جي کوٽ ختم ڪري هاري ۽ آبادگارن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.