ماهرن سستي ترين ڪورونا ويڪسين تيار ڪري ورتي

 

اٽلانٽا (ويب ڊيسڪ) مختلف شعبن سان لاڳاپيل آمريڪي ماهرن هڪ اهڙي ڪورونا ويڪسين تيار ڪري ورتي آهي، جنهن تي واپاري لحاظ کان تمام ٿورو خرچ ايندو، ڇو ته ان کي خمير ۾ ٺاهيو ويندو.

ان ويڪسين ۾ ڪجهه اهڙيون شيون آهن، جيڪي هڪ پاسي جسم ۾ ”سارس ڪوو 2“ جي خلاف مدافعت پيدا ڪن ٿيون ته ٻئي پاسي انساني جسم ۾ بيمارين سان ويڙهه لاءِ صلاحيت به واڌئينديون آهن.

اهڙي ريسرچ سائنس اميونولاجي جي تازي شماري ۾ ڇپيل آهي، جنهن موجب ڀولن تي اهڙي ويڪسين جا تجربا ڪامياب ٿي چڪا آهن، ٻئي مرحلي ۾ ان کي انسانن تي استعمال ڪيو ويندو.

جيڪڏهن اهي تجربا به ڪامياب ٿي ويا ته تمام جلد هڪ اهڙي ويڪسين موجود هوندي، جنهن تي نه رڳو خرچ تمام گهٽ ٿيندو پر غريب ۽ گهٽ وسيلا رکڻ وارا ملڪ به وڏي پئماني تي ان کي تيار ڪري سگهن ٿا.

واضح رهي ته سڄي دنيا ۾ ڪورونا وبا کان بچاءَ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ٻارنهن ويڪسينز استعمال ٿي رهيون آهن پر عالمي دوائن وارن ادارن جي ڪاروباري فائدن سبب غريب ملڪن جو وڏو انگ ويڪسينن کان محروم آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.