”گئس ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ پويان تحريڪ انصاف جي دولت ڪمائڻ جي هوس آهي“

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ صدر ۽ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته گئس ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ پويان تحريڪ انصاف جي دولت ڪمائڻ جي هوس ۽ بدترين نااهلي آهي.

پنهنجي بيان ۾ شهباز شريف صنعتن ۽ سي اين جي شعبي کي گئس جي بندش تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته مقامي صنعت ۽ سي اين جي شعبي کي گئس جي مڪمل بندش قوم لاءِ هڪ ٻي بري خبر آهي.

هن چيو ته گذريل ڪجهه مهينن کان بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ جو افسوسناڪ سلسلو جاري آهي، گرمين ۾ گئس جي لوڊشيڊنگ بدانتظامي جي انتها آهي، ملڪ ۾ واڌو بجلي موجود هجڻ باوجود بجلي جي بدترين لوڊشيڊنگ جاري آهي.

سندس چوڻ هو ته حالتن پي ٽي آءِ جي ان دعويٰ کي ڪوڙو ثابت ڪري ڇڏيو ته ن ليگ ضرورت کان وڌيڪ بجلي ٺاهي ڏني هئي، وقت ثابت ڪيو ته ن ليگ ملڪي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي بجلي جي پيداواري صلاحيت وڌائي.

شهباز شريف چيو ته گئس ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ جو بنيادي ڪارڻ وزيراعظم ۽ ان جي ڪابينا آهي، ان لوڊشيڊنگ پويان پي ٽي آءِ جي دولت ڪمائڻ جي هوس ۽ بدترين نااهلي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.