خيرپور مان عورت جي اغوا جي ڪوشش، شهرين بچائي ورتو

پيرجوڳوٺ (ن ع آ) خيرپور لڳ عورت کي مبينا اغوا ڪرڻ جي ڪوشش، جوابدار پاران مڙس هجڻ جي دعوا، عورت کيس مڙس مڃڻ کان انڪار . عورت جي زوردار دانهن تي اتي بيٺل کيس بچائي ورتو، خبرموجب، خيرپور لڳ شاهه حسين باءِ اسٽاپ وٽ عورت کي جوابدار پاران مبينا اغوا جي ڪوشش ڪئي ته عورت بچايو، بچايو رڙيون ڪرڻ تي ڪيترائي ماڻهو گڏ ٿي ويا ۽ بعد ۾ سي سيڪشن خيرپور پوليس کي اطلاع ڏنو ويو جنهن پهچي عورت ۽ مرد کي ٿاڻي تي وٺي وئي. ٻئي طرف ٻڌايو پيو وڃي ته عورت صاحبان چانگ نالي عورت ڪجھ سال اڳ امتياز نالي همراه سان پسند جو پرڻو ڪيو هو، ۽ 2019 ۾ گھرو رنجشن ڪري ٻنهي ۾ علحدگي ٿي هئي. ۽ اڄ هڪ ڪيس ۾ خيرپور جي عدالت ۾ پيش ٿيڻ بعد عورت صاحبان چانگ واپس وڃي رهي هئي ته مبينا اڳوڻي مڙس امتياز کي اغوا ڪرڻ جي مبينا ڪوشش ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.