سيڪريٽري آبپاشي پاران جوهي ۾ايف پي بچاءُ بند جو دورو

جوهي (ت ر) ٻوڏ واري صورتحال بعد سيڪريٽري آبپاشي سهيل احمد قريشي پاران ايف پي بند جو دورو ڪيو ويو, جتي هُن ايف پي بند جي مختلف هنڌن تي لڳل رُوڻين جو جائزو ورتو, سيڪريٽري آبپاشي جي  دوري وقت آرڊي 50 کي لڳل رُوڻ بند نه ٿي سگهي هئي, ان موقعي تي هن چيو ته تيرڀت پراڻي آهي جنهن کي بهتر بنائڻ لاء ڪوششون وٺي رهيا آهيون, هن چيو ته جيڪي مشڪلاتون آهن انهن کي ختم ڪرڻ لاء آيو آهيان, هن چيو ته قدرتي آفتن کان سواء هر مشڪلات کي منهن ڏيڻ ڄاڻو ٿا, هفتو اڳ چارج ورتي آهي جوهي تعلقي جي آبادگارن جو پاڻي کوٽ وارو مسئلو اوليت جي بنياد تي حل ڪرائبو, ان موقعي تي سيڪريٽري آبپاشي پاران ايف پي بند کي آرڊي 50 وٽ لڳل رُوڻ کي فوري طور تي بند ڪرڻ جا احڪامات جاري ڪيا ويا ان موقع تي جوهي جي آبادگارن جهنڊو لغاري , آچر لغاري ۽ ٻين آبادگارن سيڪريٽري آبپاشي جي گاڏي جو گهيرو تنگ ڪري  رستو بند ڪري ڇڏيو سيڪريٽري گاڏي مان لٿو جتي آبادگارن چيو ته هڪ پاسي ٻوڏ ته ٻئي طرف شاخن مان واري اڏامي رهي آھي  هزارين ايڪڙ تيار ٿيل فصل سڪي رهيو آھي هتي آبادگارن جي ڪير به الله , کان سواء ٻڌڻ وارو ناهي مقرر آبپاشي عملو چونڊيل نمائندن جي سهولتڪارن کي جوهي برانج جو زرعي پاڻي وڪرو ڪري ڏين ٿا جنهن سبب جوهي جي پڇڙي تائين آبادي جو سلو به ناهي ٿيو آبپاشي سيڪريٽري چيو ته منهنجي مقرري کي هڪ هفتو ٿيو آھي پاڻ ايف پي بند جو دورو ڪري وزٽ ڪري رهيو آھيان پاڻي چورن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي.

ڪڪڙ ۾مقتول پوليس اهلڪار جي تدفين

ڪڪڙ (ن ع آ)ڪڪڙ ۾مقتول پوليس اھلڪار حڪيم باھوٽو جي تدفين  4 ڄڻن خلاف قتل ڪيس داخل پوليس جي جوابدارن جي گھرتي چڙھائي جوابدارن گھر خالي ڪري فرار ڪڪڙ ۾ 2 ڏينھن اڳ  قتل ٿيل  رٽائر پوليس اھلڪار عبدالحڪيم باھوٽو جي ڳوٺ جان محمد باھوٽو ۾ نماز جنازه ادا ڪرڻ بعد تدفين ڪئي وئي مقتول پوليس اھلڪار حڪيم باھوٽو جو قتل ڪيس  مقتول جي ڀاء رجب علي باھوٽي جي فرياد تي4 ڄڻن خلاف داخل ڪيو ويو  جوابدارن ۾ ادريس وسيم ۽ صدر علي عرف احمد غلام حيدر ۽ والد چبڙ شامل آھن۔ فريادي ڪيس ۾ ڄاڻايو  آھي ت جوابدار ادريس جي ڌر سان پراڻي دشمني ھئي جنھن ۾ 10کان 12 سال اڳ   ڀاء آصف قتل ٿيو ھيو جنھن جو الزام مقتول حڪيم ڀاء تي ھنيو ويو  جنھن جو اسين بي ڏوھي ثابتي جو فيصلو پڻ ڪرايو ھيو پر جوابدار ڌر کي اندر  بغض ھيو جن پلاند ۾ منھنجي ڀاء رٽائر پوليس اھلڪار حڪيم کي قتل ڪيو ھوڏانھن ڪڪڙ  پوليس ڳوٺ جان محمد  باھوٽي تي جوابدارن جي گرفتاري لاء سندن گھرن تي  چڙھائي ڪئي پر جوابدار گھر خالي ڪري فرار ٿي ويا آھن.

ڀان ۾ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت

ڀان سيدآباد ( ن ع آ  ) ڀان سيدآباد ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت، گهر ۾ ڪهرام. تفصیل  موجب ڀان سيدآباد شهر جي شورا محلي ۾ گهر ۾ بجلي جي تار ٺاهيندي ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت ٿي ويو، 26  ورهين جو نوجوان امجد علي چنا بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب موقعي تي ئي فوت ٿيو، نوجوان جو لاش سرڪاري اسپتال ڀان سيدآباد پهچايو ويو، نوجوان امجد چنا جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ، جتان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.

طالبان ۽ افغان حڪومت ۾ جنگبندي تي ڳالهيون

ڪابل (م ڊ) افغانستان جي مختلف ضلعن ۾ فورسز ۽ طالبان ۾ جهڙپون جاري آهن ۽ تازين جهڙپن ۾ ڪاپيسا جو ڊپٽي گورنر عزيز الرحمان مارجي ويو آهي.ميڊيا رپورٽن موجب ڪاپيسا جو ڊپٽي گورنر عزيز  الرحمان تواب گذريل ڏينهن نجراب ضلعي ۾ طالبان جي حملي ۾ مارجي ويو.افغان ميڊيا جو چوڻ آهي ته بگرام ضلعي ۾ افغان ايئر فورس جو پائلٽ به فائرنگ ۾ مارجي ويو آهي.هوڏانهن پروان صوبي جي گورنر دعويٰ ڪئي آهي ته فورسز شيخ علي ضلعي جو ڳوٺ طالبان جي قبضي مان ڇڏائي ورتو آهي.  پر ضلعي جي ڀرپاسي ۾ جهڙپون جاري آهن.افغان ميڊيا موجب گذريل ڏينهن افغان فورسز سيغان، ڪهمرد ۽ چخانسور ضلعن تان طالبان جو قبضو ڇڏايو هو،هوڏانهن قطر جي راڄڌاني دوحا ۾ افغان وفد ۽ طالبان وچ ۾ ڳالهين جو دور جاري آهي، جنهن ۾ عارضي جنگبندي، طالبان قيدين جي آزادي ۽ عبوري حڪومت جي قيام تي ڳالهيون ڪيون ويون، طالبان وفد جي سربراهه ملا عبدالغني برادر ڳالهين دوران پنهنجي خطاب ۾ چيو ته بي اعتمادي جي خاتمي ۽ قوم جي اتحاد لاءِ ڪوششون ڪرڻ گهرجن، افغان سياسي وفد جي سربراهه عبدالله عبدالله چي ته سموريون ڪوششون جنگ جي خاتمي، سياسي تصفيئي ۽ گڏيل مستقبل تي هئڻ گهرجن

 خراب فرنيچرڏيندڙ دڪاندار تي ڏنڊ، رقم واپس ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر)ڪنزيومر ڪورٽ جي جج جڊيشل مئجسٽريٽ جاويد علي ڪوريجو جي عدالت  شهري کي فرنيچر جي 44 هزار   رپيا رقم واپس ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، جڏهن ته فرنيچر جي دڪان مالڪ کي 30هزاررپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي، عدالت 30 ڏينهن اندر فرنيچر جي ورتل رقم واپس  ڏيڻ جو حڪم ڏنو،عدالت جو چوڻ هو ته عدالتي حڪم تي عمل نه ڪرڻ جي صورت ۾ 3 سال تائين قيد ۽ هڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ڏئي سگهجي ٿي، عدالتي فيصلي جي ڪاپي ايس ايڇ او گلستان جوهر کي ڏيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، درخواستگذار شهري عبدالرحمان جو موقف آهي ته گلشن اقبال ۾ موجود الفرقان مغل ووڊز کان 45هزار کان وڌيڪ رقم ڏئي دروازا خريد ڪيا، دروازا مون کي مليا ته اهي خراب هئا،  شڪايت ڪرڻ باوجود ڪا به رعايت نه ڪئي وئي.

باقراڻي ويجهو نينگر ٻڏي فوت

لاڙڪاڻو(ڊ ر) باقراڻي ويجهو پاڻي جي حود ۾ ڪِري ٽن سالن جو ٻارڙو فوت ٿي ويو، اسپتال مان ايمبولينس نه ملڻ تي وارث لاش موٽرسائيڪل تي کڻائي ڳوٺ روانا ٿي ويا،  لاش گهر پهچڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا. ان سلسلي ۾ ڪالهه تعلقي باقراڻي جي گنجا تنيا ۾ 3 ورهين جو ٻارڙو محمد موسيٰ چنو گهر اندر راند کيڏڻ دوران پاڻي جي حود ۾ ٻڏي بيهوش ٿي پيو جنهن کي گهر ڀاتين بيهوشي واري حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ آندو جتي ڊاڪٽرن پاران ٻارڙي جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي.  جنهن تي وارث لاش مٿان اوڇنگارون ڏئي روئيندا رهيا. ان موقعي تي ٻڏي فوت ٿي ويل ٻارڙي جي وارثن ٻڌايو ته اسان جو نينگر گهر اندر راند کيڏندي پاڻي جي حود ۾ ڪِري بيهوش ٿيو جنهن کي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ آندو جتي ڊاڪٽرن سندس جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي. هوڏانهن ضروري ڪاروائي بعد فوتي نينگر جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جتي ايمبولينس نه ملڻ سبب وارث نينگر جو لاش موٽرسائيڪل تي کڻائي ڳوٺ روانا ٿي ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا.

گورنمينٽ آفيسرس ايسوسئيشن سنڌ جي چونڊن ۾لطيفي پئنل ڪامياب

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ گورنمينٽ آفيسرس ايسوسئيشن سنڌ جي چونڊن ۾ لطيفي پئنل جي سمورن اميدوارن بنا مقابلي  ڪاميابي ماڻي ورتي آهي . ان سلسلي ۾ ڪالهه گورنمينٽ آفيسرس ايسوسئيشن جي چونڊن جي لاءِ ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر پير محمد شاهه وٽ لطيفي پئنل جي اميدوارن صدر عبدالرشيد چانڊيو، جنرل سيڪريٽري عبدالواحد ميمڻ، نائب صدر فيميل فوزيه ناز مڱريو، نائب صدر ميل صفدر علي ڀٽو، جوائنٽ سيڪريٽري ميل شمن جوڻيجو، جوائنٽ سيڪريٽري فيميل غلام عائشه هليو، خزانچي رئيس احمد عباسي، پريس سيڪريٽري ممتاز علي زهراڻي ۽ آفيس سيڪريٽري الطاف حسين جوکيو پنهنجا نامزدگي فارم جمع ڪرايا جتي نامزدگي فارم وصول ڪرڻ جي آخري ڏهاڙي تي ٻئي ڪنهن پئنل جي اميدوار طرفان پنهنجا نامزدگي فارم جمع نه ڪرائڻ تي ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر طرفان لطيفي پئنل جي سمورن اميدوارن کي بنا مقابلي ڪاميابي قرار ڏئي ڇڏيو. هوڏانهن ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر سيڪنڊري اختر حسين ڪوريجو ۽ ٻين طرفان بنا مقابلي ڪاميابي ماڻيندڙ عهديدارن کي گلن جا هار پارائي مبارڪون پڻ ڏنيون.

لاڙڪاڻي ۾ٽرينن جي اچ وڃ بند ٿيڻ خلاف احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻو ريلوي اسٽيشن تي ڪورونا وائرس سبب گذريل 16 مهينن کان خوشحال خان خٽڪ ۽ بولان ميل ٽرينن جي  اپ ڊائون آمد رفت جي بندش خلاف شهر جي سياسي سماجي جي اڳواڻن ۽ وڪيل برادري پاران لاڙڪاڻو ريلوي اسٽيشن جي احاطي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جتي هنن نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي لاڙڪاڻو مشاورتي ڪائونسل جي صدر مامو رمضان شيخ، قادربخش ڪمانگر، محمد عاشق ٻوسڻ، سليم الله چاڪي، ايڊووڪيٽ سلميٰ ڀٽو، ايڊووڪيٽ سرفراز علي شيخ، احمد سرهيو، راشد نثار شيخ ۽ ٻين چيو ته وفاقي حڪومت طرفان ڪورونا وبا سبب 25 مارچ 2020ع کان وٺي ڪراچي کان پشاور ۽ پشاور کان ڪراچي ويندڙ خوشحال خان خٽڪ ۽ ڪراچي کان ڪوئيٽا ۽ ڪوئيٽا کان ڪراچي ويندڙ بولان ميل ٽرينون بند ڪري عام شهرين سميت واپارين کان سستي سفري سهولتون کسي ڇڏيون آهن. هنن چيو ته ٽرينن جي آمد رفت بند ٿيڻ جي ڪري وچولي ۽ ڪاروباري طبقي کي سخت پريشانين جو منهن ڏسڻو پئجي ويو آهي جيڪي روزانو جي بنياد تي اضافي پئسا ڀري ويگن ۽ ٻين گاڏين تي سفر ڪرڻ تي مجبور ٿي پيا آهن. هنن چيو ته لاڙڪاڻو پوري دنيا ۾ سياست ۽ زيتونن جي ڪاروبار جي لحافظ کان مشهور آهي پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته هڪ سازش تحت لاڙڪاڻي واسين کان اهڙيون سهولتون کسي واپارين کي ڪاپاري ڌڪ رسايو ويو آهي. هنن چيو ته اسين شهر جا سياسي ۽ سماجي اڳواڻ توڙي وڪيل اڄ ريلوي ٽرينن جي بحالي لاءِ روڊن تي نڪري پنهنجي تحريڪ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي جيئن لاڙڪاڻي واسين کي بهتر ۽ سستي سفري سهولتون ملي سگهن. هنن وزيراعظم عمران خان، ريلوي جي وفاقي وزير اعظم سواتي سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته فوري طور نوٽيس وٺي بند ٿيل خوشحال خان خٽڪ ۽ بولان ميل ٽرينن جي آمد رفت بحال ڪئي وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.