ميرپور ماٿيلو ڀرسان اغوا ٿيل پورهيت جي وارثن کان 15 لک ڀنگ طلب

ميرپور ماٿيلو(ن ع آ) ميرپور ماٿيلو ويجهو ڳوٺ واحد بخش منگسي جو گُم ٿيل پورهيت غلام حيدر شيخ جو ڪو به ڏس پتو ناهي پئجي  سگهيو، هوڏانهن وري گُم ٿيل پورهيت غلام حيدر شيخ جي وارثن کي ڌاڙيلن پاران فون تي رابطو ڪري 15 لک روپيه ڀُنگ طلب ڪئي وئي آهي، جنهن بعد سندن جا وارث سخت پريشان ٿي ويا آهن، جڏهن ته پورهيت جي گهر ۾ ڪهرام متل آهي، ٻي پاسي وري پورهيت جا وارث پورهيت جي بازيابي لاءِ گهر ۾ پاڪ ڪتاب لوڏي رهيا آهن، هوڏانهن پاڪستان زنده باد بيسڪ آرگنائيزيشن ٽيم پورهيت جي وارثن وٽ پهتي، پاڪستان زنده باد بيسڪ آرگنائيزيشن  چيئرمين الياس احمد مهر، تعلقه گهوٽڪي چيئرمين نثار احمد حيدراڻي، تعلقه چيرمين ميرپور ماٿيلو صفدر سومرو، ميڊيا نگ تعلقه ميرپور ماٿيلو جي چيئرمين هادي بخش جلباڻي، وزير لاشاري ۽ ٻيا سندس جي وارثن وٽ پهتا ۽ سندن سان ساٿ ڏيڻ جو وچن ڪيو آهي، ٻي پاسي هرکجي اغوا ٿيل پورهيت غلام حيدر شيخ جي وارثن پاران گم ٿيل پورهيت جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪيو ويو ان موقعي تي شاھنواز، مائي نظيران خاتون، مسمات فرزانا، اختر شيخ، محمد سچل، محمد نواز شيخ ۽ ٻين پاران ميڊيا آڏو دانھيندي چيو آهي تہ پورهيت غلام حيدر شيخ گذريل 7 ڏينهن کان گُم آهي پر هن مهل تائين ڪو به ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو، ۽ ڌاڙيلن پاران فون ڪري 15 لک روپيه ڀنگ طلب ڪيو ويو آهي، هنن چيو ته اسان غريب آهيون ايتري رقم ڪٿان آڻيون، ۽ اسان وٽ کائڻ لاءِ به ڪجھ ناهي، ته اسان ڏوهارين کي 15 لک روپيه ڪٿان ڏيون، هنن ايس ايس پي گهوٽڪي کان پورهيت جي بازيابي لاءِ مدد جي اپيل ڪئي آهي..

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.