سنڌ دوست افغانين خلاف جدوجهد لاءِ تيار رهن: اڪبر جتوئي

ڏوڪري ( ت ر) سنڌ دوست ماڻهو افغاني پٺاڻن خلاف ڀرپور مزاحمت لاءِ تيار رهن، بحريا ٽائون ڪيس ۾ گرفتار اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي  گرفتارين جي مذمت ٿا ڪريون، سنڌ دوست ڌرين سان گڏجي اليڪشن جي تياري ڪري رهيا آهيو. ڪامريڊ اڪبر جتوئي. ڏوڪريءَ پريس ڪلب جي صدر قاضيءَ آفتاب احمد جي امڙ جي لاڏاڻي تي ڏوڪري پريس ڪلب ۾ تعزيت ڪندي سنڌ ھاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ڪامريڊ اڪبر جتوئي چيو ته سنڌ دوست ماڻهو افغاني پٺاڻن جي لوڌ خلاف پر پور مزاحمت لاءِ عملي تياري ڪن،،  بحريا ٽائون ڪيس  چٽي سازش آهي ۽ ڪيس ۾ گرفتار اڳوڻن ۽ ڪارڪنن جي گرفتارين جي سخت لفظن ۾ مذمت ٿا ڪريون ۽ سنڌ کپائڻ  واري سازش خلاف عملي جدوجهد ۾ سنڌي عوام سان گڏ آهيون. ھن وڌيڪ چيو ته ايندڙ اليڪشن ۾ سنڌ دوست ڌرين سان گڏجي اليڪشن وڙھڻ جي تياري ڪئي آهي سنڌ ھاري ڪاميٽي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي نقش قدم تي ھلندي سنڌ جي مظلوم، غريب مسڪين ماروئڙن جي  حقن لاءِ ڪوشش ڪري رھيا آھيون. انهيءَ موقعي تي سنڌ ھاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر اڪبر جتوئي سان گڏ ڊاڪٽر اياز حسين پنھور، حبدار شيخ ۽ حاجي خان جتوئي گڏ ھئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.