نوري آباد: پاور سيمينٽ فيڪٽري جي زيادتين خلاف مزدورن جو احتجاج، ڌرڻو

نوري آباد(ن ع آ ) نوري آباد ۾ پاور سيمنٽ فيڪٽري جي مين گيٽ آڏو  مزدورن  جو ٻئي ڏينھن نٽ اس ۽ سخت گرمي ۾ 6ڪلاڪن  کان فيڪٽري جي گيٽ اڳيان  انتظاميا خلاف احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو  ويو فيڪٽري انتظاميا کان عيد تي بونس گھرڻ تان مزدورن جي اڳواڻن جو گيٽ  بند ڪري ڇڏيو جنھن بعد مزدورن فيڪٽري جي  مين گيٽ سامھون ويھي پرامن احتجاج ڪري انتظاميا خلاف سخت ناري بازي ڪئي، مزدورن جي اڳواڻن عبدالخالق جاويد پالاري غلام سرور پالاري  شوڪت پالاري جي اڳواڻي ۾  صحافين اڳيان دانھيندي چيو ته   فيڪٽري انتظاميا کان  مزدور پورھيتن لاء بونس گھري  جنھن بعد فيڪٽري انتظاميا پريشرائز ڪري گيٽ بند ڪيو آھي فيڪٽري انتظاميا پاران نوري آباد  مان وڏا پوليس اٽالا گھرائي مزدورن کي ڌمڪايو پيو وڃي ھنن وڌيڪ چيو ته  گذريل ڪيترن ئي ورھين کان فيڪٽري ۾ مزدوري ڪري رھيا آھيون فيڪٽري انتظاميه زبردستي ڪري مقامي ماڻھن ۽ ٻين مزدورن سان ناانصافي ڪري رھي آھي جڏھن فيڪٽري انتظاميا پاران پراڻن ملازمن کي پڪو ڪرڻ ۽ بونس ڏيڻ جو واعدو ڪيو پر حق گھرڻ تي اسان کي بلاجواز گيٽ بند ڪري حراسان ڪيو پيو وڃي ھوڏانھن فيڪٽري انتظاميا پورھيتن جي ڌرڻي بعد پاور سينمنٽ جي ايڊمن آفيسر قاسم پورھيت اڳواڻن سان ڊي ايس پي نوري آباد نظر محمد ڊيشڪ ايس ايڇ او طارق باجواھ جي موجودگي ۾ ڳالھيون ڪري ٻن ڏينھن جو وقت گھريو۽ هٽايل پورهيتن کي ٻيهر بحال ڪرڻ جي خاطري تي پورھيتن پاران لڳايل  ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.