ملير ۾ هٿياربندن گوليون هڻي نوجوان قتل ڪري ڇڏيو، لاش ڦٽو

ملير (ڊ.ر) اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي حد لنڪ روڊ لڳ سمندري بابا ويجهو جهنگ مان 30 ورهين جي نوجوان جو گوليون لڳل لاش ھٿ، لاش ڀرسان ٽول ٽيڪس جي پرچي هٿ، قتل ٿي ويل نوجوانن جي سڃاڻپ نه ٿي  سگهي، لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل، خبر موجب ؛ اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي حد لنڪ روڊ لڳ سمندري بابا درگاهه ويجهو جهنگ مان 30 ورهين جي نوجوان جو گوليون لڳل لاش هٿ آيو، لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو،  اسٽيل ٽائون پوليس موجب فوتي نوجوان کي سيني ۾ ٽي گوليون لڳل هيون ۽ لاش ڀرسان نيشنل هاءِ وي جي ٽول ٽيڪس جي پرچي هٿ آئي آهي، جڏهن ته لاش جي سڃاڻپ اڃا تائين نه ٿي سگهي آهي، پوسٽ مارٽم لاءِ لاش کي جناح اسپتال منتقل ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.