چيني ڪمپني داسو ڊئم تي ڪم روڪي ڇڏيو، ملازم فارغ

پشاور (م ڊ ) داسو بس واري واقعي بعد چيني ڪمپني داسو ڊيم تي ڪم روڪي ڇڏيو آهي، سي جي جي سي ڪمپني ڪم روڪڻ بابت  نوٽيفڪيشن جاري ڪندي ٻڌايو ته ڪمپني سمورن مقامي ملازمن سان معاهدو به ختم ڪري ڇڏيو آهي، ڪمپني 14 جولاءِ تائين ڪم ڪندڙ ملازمن کي پگهارون ادا ڪندي. هوڏانهن داسو واقعي جي جاچ لاءِ چيني جاچ ٽيم داسو پهچي وئي. جاچ ٽيم اٺ ڄڻن تي ٻڌل آهي جنهن کي چئن هيليڪاپٽرن ذريعي داسو  پهچايو ويو. جتان هو واقعي واري هنڌ پهتي،  جاچ ٽيم سان گڏ چيني سفير ۽ متاثر ڪمپني جو سي اي او به موجود هو، چيني جاچ ٽيم واقعي جون  شاهديون گڏ ڪيون، چيني ڪمپني چائنا گيزوبا پاڪستان سرڪار کي خط لکي چيو آهي ته 14 جولاءِ واري واقعي بعد وڌيڪ ڪم نٿا ڪري سگهون، هوڏانهن واسو ڏيم جي پروجيڪٽ دائريڪٽر انوار الحق به ڪمپني پاران خط  لکڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، هن چيو ته سڪيورٽي جا معاملا درست ٿيا ته ڊئم تي ٻيهر ڪم شروع ڪيو ويندو، واضح رهي ته 14 جولاءِ تي پيش آيل واقعي ۾ 9 چينين سميت 12 ماڻهو فوت ٿي ويا هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.