ڪنڌڪوٽ ۾ صوفين جي امن ريلي

ڪنڌ ڪوٽ (رپورٽ ممتازسنڌي)  ڪنڌ ڪوٽ ۾ بي گناھ انسانن جو قتل عام چوري ڦر ڌاڙن جي ڪري امن خراب ٿي رھيو آهي امن بحال  ڪرائڻ لاءِ  مانجھائي جماعت، هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان پاران سنڌ جي مشھور صوفي راڳي مانجھي  فقير جي اڳواڻي ۾ شھر جي دل گھنٽا گهر کان سوين امن شھرين ريلي ڪڍي ريلي ماڻھن جي ھٿن ۾ بينر ھيا جن تي امن کپي ، امن ڏيو ، امن کان سوا ترقي نه آ ، اسان گھرون ٿا امن ، امن زندھ آباد ، پيار زندھ آباد جا نعرا لکيل ھيا ريلي دوران مانجھي  فقير پنهنجي سوز ساز جي ساٿين سان صوفي ڪلام ڳائيندي به امن جي گھر ڪئي، ريلي کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالھائيندي مانجھي  فقير ، اعجاز احمد کوسو ، وڪيل عبدالغني بجاراڻي ، امداد کوسو ۽ ٻين چيو ته سنڌ ڌرتي صوفين بزرگن ، درويشن فقيرن جي ڌرتي آهي امن واري ڌرتي تي سردارن ، جاگيرداري نظام جي ڪري قبائلي تڪرار وڌي رھيا آهن ريلي ۾ ظريت بجاراڻي  ، غلام مصطفي ميراڻي ، مصطفي آڪاش ، بشير ميراڻي ، بشير حيدري ، اعجاز بجاراڻي سميت ٻين مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.