کهڙا: ايس ايس پي خيرپور جي مخدوم شھيد عبدالرحمان هاشمي جي درگاه تي حاضري

ايس ايس پي خيرپور ظفراقبال ملڪ کهڙا شھر پهچي مشھور بزرگ مخدوم شھيد عبدالرحمان هاشمي جي درگاه تي حاضري ڀري دعا گهري ۽ درگاه جي سجاده نشين مخدوم نديم هاشمي سان ملاقات ڪئي. ايس ايس پي خيرپور ظفر اقبال ملڪ درگاه جي سجاده نشين سان گڏجي درگاه تي موجود تبرڪات جون زيارتون ڪيون جڏھن ته درگاه جي سجاده نشين مخدوم نديم هاشمي ايس ايس پي خيرپور ظفراقبال ملڪ کي سنڌي ٽوپي. اجرڪ اوڍايو ۽ کيس شيلڊ. درگاه جا ڪتاب پڻ تحفي ۾ ڏنا جڏھن ته ايس ايس پي خيرپور ظفر اقبال مخدوم شھيد عبدالرحمان لائيبريري جو پڻ دورو ڪيو ۽ عوام جون شڪايتون ٻڌي جلد حل ڪرڻ جو يقين ڏياريو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.