تنگواڻي ، ڪشمور ، ڪنڌڪوٽ ، کھڙا ۽ قمبر جون خبرون

تنگواڻي ۾ وڌندڙ بدامني خلاف شهرين پاران شٽربند هڙتال،مظاهرو ۽ ڌرڻو

 

ڪشمور:زمين جي مالڪي تان جهيڙو، 18 ورهين جو نوجوان قتل، 4 زخمي

 

ڪنڌڪوٽ: مانجهائي جماعت ۽ هيومن رائٽس ڪميشن پاران امن ريلي

 

کهڙا ۾ مهانگائي چوٽ چڙھي وئي ،عام واهپي جي شين جا اگهه چوٽ چڙهيل

 

قمبر شھر ۾ چوري جي وارداتن خلاف واپارين جو احتجاجي مظاهرو

تنگواڻي ۾وڌندڙ بدامني خلاف شهرين پاران شٽربند هڙتال ڪري ريلي ڪڍي وئي، ڪلاٿ ايسوسيئيشن جي اڳواڻ عبدالحڪيم بکراڻي جي موٽرسائيڪل ۽ پنج عدد ٻڪريون ۽ ڊيراسرڪي پوليس ٿاڻي جي حد مان عزيزالله ملڪ جي هڪ عدد مينهن چوري ٿيڻ خلاف شهرين سياسي سماجي اڳواڻن عثمان بکراڻي،الاهي بخش،رحيم داد،نواب بکراڻي،لال محمّد باجڪاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ماشاالله اسٽاپ کان ريلي ڪڍي ، ريلي جي صورت ۾ شهرين پهچي ٿاڻي اڳيان ڌرڻو هنيو جتي مظاهرين سخت نعريبازي ڪئي،ان موقعي تي اڳواڻن چيو تہ چوري، ڦر سميت بدامني جي وارداتن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿئي پيو، پوليس ڪا بہ ڪاروائي ۽ رڪوري نہ پئي ڪري، روز ٺلها آسرا ڏنا پيا وڃن، هنن چيو ته سامان واپس نہ ٿيو تہ ايس ايس پي ڪشمور امجد احمّد شيخ جي آفيس جو گهيراءُ ڪيو ويندو.

02

ڪشمور جي  ڳوٺ علي محمد کوسو ۾ کوسا برادري جي ٻن ڀائرن ۽ ڀائٽين ۾ زمين مالڪي تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران ٻنهي ڌرين ھڪ ٻئي مٿان فائرنگ ڪري ڏني گوليون لڳڻ سبب 18 سالن جو نوجوان جاويد کوسو مارجي ويو ۽ منظور کوسو ۽ آصف بروهي ،حميد چانڍيو، ظھور کوسو زخمي ٿي پيا جن کي سول اسپتال داخل ڪيو ويو،  ڪشمور پوليس جھيڙي واري هنڌ پهچي ڌرين ۾ هلندڙ فائرنگ بند ڪرائي آهي .

3

ڪنڌڪوٽ ۾ مانجھائي جماعت ۽ ھيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان طرفان امن ڏيو امن کپي جي عنوان سان صوفي راڳي مانجھي فقير جي اڳواڻي ۾ گھنٽا گھر کان صوفي سوز ساز سان ريلي ڪڍي وئي، ريلي شھر جي مختلف رستن کان ٿيندي پريس ڪلب پھتي، ريلي ۾ شامل امن پسند ڌرين سول سوسائٽي، صحافي اديب، وڪيل ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي خطاب ڪندي مانجھي فقير، اعجاز کوسو، امداد کوسو، وڪيل عبدالغني بجاراڻي ۽ ٻين چيو تہ سنڌ صوفين بزرگن جي ڌرتي آھي جنھن ۾ صدين کان وٺي پيار محبت امن رھيو آھي ڪجھہ عرصي کان سرداري نظام جي ڪري قبائلي جھيڙا ڌاڙيل ڪلچر پيدا ڪيا ويا ،هنن  مطالبو ڪيو تہ قبائلي جھيڙا ختم ڪري سنڌ ۾ پيار محبت امن قائم ڪرايو وڃي

04

کهڙا شھر ۾ مهانگائي چوٽ چڙھي وئي ،عام واهپي ، کاڌي پيتي جي شين جا اگهه چوٽ چڙھي ويا،گيهه. کنڊ. اٽو. چانور. دال. سبزي ۽ ٻيون کاڌي پيتي جون شيون ٻيڻ اگهه تي ملي رهيون آهن ، ان حوالي سان پورهيت. مزدور طبقي سان واسطو رکندڙ شھرين نديم علي مغل. عامر علي انصاري. مبين احمد اڄڻ. عبدالجبار. رفيق احمد ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته پي ٽي آء حڪومت عوام جا لاه ڪڍي ڇڏيا آھن ايتري مهانگائي گذريل حڪومتن ۾ ڪانه هئي، هنن مطالبو ڪيو ته مهانگائي تي ڪنٽرول ڪري سستائي ڪئي وڃي

05

قمبر شھر ۾ چور مشھور پولٽري جي واپاري سيٺ حمزه علي چانڊيو جي دڪان جي ڇت ڀڃي 2 لک 80 هزار رپيا روڪ رقم ٻھاري ويا، شهر مان چوري ۽ ڦر جي وڌندڙ وارداتن خلاف شهرين واپارين احتجاجي مظاهرو ڪري پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي.  ان موقعي تي شاهنواز چانڊيو،سرائي عبداللطيف گوپانگ،ڪامريڊ اياز ٻرڙو، حسن سنڌي ۽ ٻين چيو ته شهر ۾ چوري ۽  ڦر جون وارداتون روز جو معمول بڻيل آهن شهري ۽  واپاري ڏوهارين جي خوف ۾ ورتل آهن ، هنن اپيل ڪئي ته چورين جي وارداتن جو نوٽِيس وٺي ڏوهارين خلاف سخت ڪارروائي ڪري شهرين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.