سينٽرل جيل خيرپور جي قيدين ۾ عيد جا تحفا ورهايا ويا

خيرپور ( س ر ) سينٽرل جيل خيرپور جي سپرينٽنڊنٽ ڊاڪٽر ارباب قيدين ۾ عيد جي تحفي طور جوڙا تقسيم ڪيا، خوشيون هر انسان جو بنيادي حق آهي، قيدين سان جيل ۾ بهتر سلوڪ ڪري کين سٺو انسان بنائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ڊاڪٽر شڪيل ارباب ،  تفصيل موجب عيد العضحيٰ جي موقعي تي سينٽرل جيل خيرپور جي سپرينٽنڊنٽ ڊاڪٽر  شڪيل ارباب  جيل جي  قيدين ۾ عيد جي تحفي طور جوڙا تقسيم ڪيا، ان موقعي تي ڊاڪٽر شڪيل ارباب  ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته خوشيون  قيدين سميت هر انسان جو بنيادي حق آهن، سينٽرل جيل خيرپور جي قيدين ۾ عيد جا وڳا تقسيم ڪري خوشين ۾ اضافو ڪرڻ جي ڪوشش آهي، هن چيو ته غلط صحبت ۽ غلط پرورش ،غلط فيصلن سبب سٺا انسان به ڏوهاري بڻجي ويندا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.