خيرپور: ٿيلسميا ۾ مبتلا ٻارن لاءِ رت عطيي جي ڪئمپ لڳائي وئي

خيرپور ( ڊر) يوسي مهر علي جي نوجوانن پاران جوڙيل سماجي تنظيم سيو يوسي مهر علي يوٿ  پاران ڀٽي  محلا دائود ڳوٺ ۾ فاطميد فائونڊيشن جي تعاون سان  ٿيلسميا ۾ مبتلا معصوم ٻارن لاء رت عطيي جي ڪئمپ لڳائي وئي جتي يوسي مهر علي جي ڪيترن ئي نوجوانن ڪئمپ تي پهچي رت جو عطيو ڏنو جڏهن ته  فنڪشنل مسلم  ليگ  تعلقه خيرپور جو  صدر حاجي امام بخش ڦلپوٽو پڻ  ڪئمپ تي پهتو ۽پنهنجي رت جو عطيو ڏنو ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي حاجي امام بخش ڦلپوٽو چيو ته يوسي ميهر علي جا نوجوان جس لهڻين جن پنهنجي ڪوششن سان هن خير جي ڪم۾ حصو ورتو آهي هن چيو ته  معصوم ٻارن لاء رت جو عطيو ڏيڻ وڏو ثواب آهي ان موقعي تي فاطميد فائونڊيشن خيرپور جي ايڊمنسٽريٽر سيد مسلم شاه چيو ته معصوم ٻارن لاء رت جي شديد کوٽ آهي جنهن ڪري نوجوانن مڪمل تعاون ڪري هي ڪئمپ لڳائي آهي سرندي وارن سميت سماجي سياسي تنظيمن کي اپيل ٿا ڪريون ته هن خير جي ڪم ۾ اسان جي مدد ڪن رت جي هڪ ٿيلهي سان ڪنهن معصوم جي حياتي بچي سگهي ٿي ان موقعي تي فنڪشنل مسلم ليگ سنڌ ڪونسل جو ميمبر حاجي عبدالغني ڦلپوٽو ۔ صحافي صابر حسين مهيسر ۔ لالا احمد خان ۔ سڪندر ڇڄڙو ۔سميت سيو يوسي ميهر علي يوٿ  جا نوجوان اڳواڻ فرحت الله ڦلپوٽو محمد جميل ۔اسد علي مگڻهار۔ مولوي طارق احمد ڦلپوٽو ۔محمد علي ڦلپوٽو ۔ امتياز علي ڦلپوٽو ۽ ٻيا نوجوان موجود هيا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.