ملڪ رياض جي پٽ خلاف فراد جو ڪيس داخل

ڪراچي (رپورٽر) بحريا ٽائون جي سي اي او جي ملڪ رياض جو پٽ احمد علي رياض ۽ بحريا ٽائون جي فنانس مئنيجر  خلاف فيروز آباد ٿاڻي تي فراڊ جو ڪيس 221-666 شهري سرفراز شيخ جي فرياد داخل ڪيو ويوآهي، فريادي سرفراز شيخ موقف اختيار ڪيو آهي ته هن هڪ معاهدي تحت بحريا ٽائون ۾ هڪ پلاٽ بڪ ڪرايو جنهن جي ماليت 95 لک، 50 هزار هئي جنهن جي اڌرقم 47 لک 12 هزار 500 رپيا قسطن جي صورت ۾ بحريا ٽائون کي ادا ڪري ڇڏي، نومبر 2019ع ۾ بحريا ٽائون معاهدو ختم ڪري ڇڏيو، جمع ڪرايل رقم جي مد ۾ 6 چيڪ ڏنا جيڪي لاڳاپيل بينڪ ۾ بائوس ٿي ويا، انهن چيڪن جي جاءِ تي 24  چيڪ ڏنا ويا جيڪي پڻ بائونس ٿي ويا. فريادي سرفراز بحريا ٽائون جي فنانس مينيجر ۽ ملڪ رياض جي پٽ خلاف عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ، جنهن تي عدالت پاران ڏنل حڪم تي فيروز آباد ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.