اسلام آباد ۾ ٿيندڙ افغان امن ڪانفرنس ملتوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) افغانستان بابت اسلام آباد ۾ ٿيندڙ امن ڪانفرنس ملتوي ٿي وئي، ڪانفرنس افغانستان جي درخواست تي ملتوي ڪئي وئي.

افغانستان جي پرڏيهي وزارت  بابت ٽه ڏينهن واري ڪانفرنس ملتوي ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.

پرڏيهي وزارت موجب اسلام آباد ۾ 17 جولاءِ کان ٿيندڙ ڪانفرنس عيدالاضحيٰ کان پوءِ تائين ملتوي ڪئي وئي آهي، نين تاريخن جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو.

ذريعن موجب ڪانفرنس افغانستان جي درخواست تي ملتوي ڪئي وئي، 3 ڏينهن واري ڪانفرنس ۾ مختلف افغان اڳواڻن کي دعوت ڏني وئي هئي پر افغان طالبان کي دعوت نه ڏني وئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.