داسو واقعي جي جاچ لاءِ سموريون ڪوششون ڪنداسين: وزير اعظم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته داسو واقعي جي جاچ لاءِ سموريون ڪوششون ڪنداسين. سرڪاري خابرو اداري ريڊيو پاڪستان موجب وزير اعظم عمران خان ۽ چيني هم منصب لي ڪي چيانگ جي وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو جنهن ۾ عمران خان چيني وزير اعظم کان داسو جي ڀرسان افسوس جوڳي واقعو ۾ چيني شهرين جي فوتگين تي افسوس جو اظهار ڪيو.

وزير اعظم عمران خان جو چوڻ هو ته پاڪستان  ۾ چيني شهرين جي سلامتي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي ان ڪري وقعي جي جاچ لاءِ سموريون ڪوششون ڪتب آڻينداسين.

هن چيو ته دشمن قوتن کي ڀائراڻي لاڳاپن کي نقصان رسائڻ جي هرگز اجات نه ڏني ويندي چين ۽ پاڪستان دوستي ٻنڌڻ ۾ ٻڌل آهن ۽ دشمن عنصرن کي پاڪ چين ڀائراني لاڳاپن کي نقصان رسائڻ نه ڏينداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.