”طالبان کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ لاءِ پاڪستان کان وڌيڪ ڪنهن ڪردار ادا ناهي ڪيو“

تاشقند(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان کان وڌيڪ ڪنهن به طالبان کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ لاءِ ڪردار ادا ناهي ڪيو.

تاشقند ۾ سينٽرل ۽ ڏکڻ ايشيا جي علائقائي ملڪن  جي وچ ۾ ڪانفرنس کي خطاب ۾ وزير اعظم عمران خان چيو ته خطي جو امن ۽ سلامتي سڀني کان اهم آهي، افغانستان سينٽرل ۽ ڏکڻ ايشيا جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿوجڏهن اسان جي ترجيح افغانستان ۾ استحڪام آهي، افغانستان ۾ بدامني جو اثرپاڪستان به پوندو آهي.

هن چيو ته گوادر پورٽ تي معاشي سرگرميون 2019ع کان شروع ٿيون، سي پيڪ بي آر آءِ جو فليگ شپ منصوبو آهي، اميد ڪيون ٿا ته سي پيڪ علائقائي رابطي ۾ به اهم ڪردار ادا ڪندو.

وزير اعظم جو چوڻ هو ته طالبان کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ لاءِ پاڪستان کان وڌيڪ ڪنهن ڪردار ادا ناهي ڪيو، پاڪستان ان ڪري هر ممڪن ڪوشش ڪئي پر مون کي مايوسي اهي ته پاڪستان تي الزام هنيا ويندا آهن، پاڪستان ۾ دهستگردي سبب 70 هزار کان وڌيڪ سر قربان ٿيا.

عمران خان وڌيڪ چيو ته هٿيارن جي زور تي افغان مسئلي جو حل ناهي، طالبان کي فتح نظر پئي اچي هاڻ هو اسان جي ڇو ٻڌندا، جڏهن آمريڪا جا سڀ کان وڌيڪ فوجي افغانستان ۾ هئا تڏهن طالبان کي ڳالهين جي دعوت ڏيڻي هئي، هاڻ طالبان ڇو آمريڪا جي ڳالهه ٻڌندا، جڏهن افغانستان مان فوجين جي نيڪالي ٿي رهي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.