علي امين شهيد ڀٽو کي غدار ڪوٺي، غداري ڪئي: رازق خان يوسفزئي

ٽنڊو محمد خان ( ن ع آ ) ٽنڊو محمد خان ۾ سنڌ پيپلز يوٿ جي ضلعي جنرل سيڪريٽري رازق خان يوسفزئي، نائب صدر وزير وساڻ، تعلقي صدر روشن کوسو،سٽي جنرل سيڪريٽري شهريار خاصخيلي ۽ ٻين ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ايم اين اي علي امين گنداپور پ پ جي باني چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي غدار ڪوٺي ملڪ ۽ آئين سان غداري ڪئي آهي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ کي آئين ڏنو ۽ هندستان مان 90 هزار قيدي فوجين کي آزاد ڪرايو،ان عظيم شخصيت خلاف نازيبا ٻولي  هرگز برداشت نه ڪئي ويندي ، هنن چيو ته بدنام زمانه محمود سومرو اسان جي قيادت مٿان بلاجواز غلط الزام هڻي رهيو آهي ، پ پ جا مخالف کيس استعمال ڪري اسان خلاف غلط پروپيگينڊا ڪري رهيا آهن،  اسان جي پارٽي جي ايم اين اي سيد نويد قمر ، ايم پي اي سيد اعجاز شاھ بخاري ، ايم پي اي عبدالڪريم سومرو ڪوششون وٺي ٽنڊو محمد خان کي سوئي گئس ، ڊرينيج ، بلڙي شاھ ڪريم ۾ نادرا سينٽر ، ٽنڊو محمد خان ۾ لا ڪاليج سميت ڏيڍ ارب روپين جو اسڪيمن وارو پيڪيج منظور ڪرايو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.