پنو عاقل واسي پورهيت ڪراچي ۾ ڇت تان ڪري فوت

پنوعاقل ( ت ر ) پنوعاقل واسي پورھيت ڪراچي ڇت تان ڪرڻ سبب فوت ٿي ويو،جنھن جو لاش پنوعاقل لڳ اباڻي ڳوٺ آندو ويو، ٻڌايو وڃي ٿو ته شھر جي مسو کوسو جو رھواسي عبدالقيوم کوسو عمر 22 سال جيڪو فيروز فيڪٽري ۾ ڪم ڪرڻ  لاءِ ڪراچي ويل ھو،گذريل رات پورھيت فليٽ جي ڇت تان ڪرڻ سبب  زخمي ٿي پيو،جنھن کي اتي مڪامي اسپتال ۾ آندو ويو ته فوت ٿي ويو،نوجوان جو مڙھ ڳوٺ پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو

سنڌ حڪومت ملڪ رياض سان گڏجي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا آهن: رياض چانڊيو

ڪراچي  (پ  ر) جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض علي چانڊيو قانون دان عوام تحريڪ  اڳواڻ ايڊووڪيٽ سجاد چانڊيو ليکڪ گل حسن ڪلمتي اسلم خيرپوري خالق جوڻيجو مراد گبول ۽ ٻيا اي ٽي سي ڪورٽ پهتاجڏهن سيد جلال محمود شاھ , ڊاڪٽر قادر مگسي طبيعت خراب هجڻ ڪري پيش نه ٿي سگهيا ڪورٽ ايندڙ مهيني جي 5 تاريخ ڏئي ڇڏي ،رياض علي چانڊيو  چيو ته ملڪ رياض ۽ سنڌ حڪومت ڪوڙيون ايف آءِ آر داخل ڪرايون آھن جن جا پوليس  ڪورٽ ۾ ڪي به  ثبوت پيش ناهي ڪري سگهي  ڪوڙا  ڪيس بحريا انتظاميا ۽ سنڌ حڪومت سنڌ جي زمينن جي ولار کي وسيع ڪرڻ لاء ڪرائي پئي, محاذ  چيئرمين وڌيڪ چيو ته قبضا مافيا وڏا ميگا رهائشي منصوبا ڌارين کي هتي آباد ڪرڻ لاء ۽ ڌرتي ڌڻين کي اقليت تبديل ڪرڻ لاء ٺاهي رهيا آھن, دنيا جا ملڪ  ماحولياتي بهتري لاء منصوبا جوڙي رهيا آھن, پر هتي ڪراچي جي سمنڊ تان ٻيلا ڪٽي اتي رهائشي منصوبا جوڙيا پيا وڃن تمر جا ٻيلا ڪٽڻ سان  ماحولياتي تباهي ايندي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.