لاڙڪاڻي اينٽي ڪرپشن هٿان گرفتار ٿيل منشي جيل حوالي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ اينٽي ڪرپشن پوليس جي ٽيم طرفان هڪ ڏينهن اڳ شهر جي سوئيڪارنو ٽاور وٽ پوليس اهلڪار علي زيب ابڙو کان 10 هزار روپيه رشوت وٺڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيل ون فاءِ بيس ٿري  جي وڏي منشي ساجد علي شيخ کي پنجين سول جج ۽ جڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو جتي عدالت جوابدار ساجد علي شيخ کي جڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي ڪري ڇڏيو آهي. هوڏانهن عدالت ۾ پيش ڪرڻ بعد ون فاءِ بيس ٿري جي وڏي منشي ساجد علي شيخ کي لاڙڪاڻو سينٽرل جيل منتقل ڪيو ويو

ڪوٽڏيجي ڀرسان حادثو، هڪ ڄڻو فوت

ڪوٽڏيجي (ن ع آ ) ڪوٽڏيجي ٿاڻي جي حد فھد ڪمپيوٽر ڪانٽا ڀرسان تيز رفتار ٽرڪ جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر  لڳڻ جي نتيجي م ڳوٺ گل بهار ڪانڌڙو لڳ  درگاھ اڀن علي شاهه جو رهواسي 60 سالن جو فقير عرض محمد ڪانڌڙو ۽ سندس پٽ رجب علي  زخمي ٿي پيا اطلاع تي ڪوٽڏيجي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمين کي مقامي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو  جتي زخمي عرض محمد ڪانڌڙو زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو. ان سلسلي ۾  ٻڌايو پيو وڃي تہ فوتي عرض محمد پٽ سميت ڳوٺ  کان ڪوٽبنگلو شھر اچي رهيو هو ته فھد ڪمپيوٽرائيز ڪانٽا وٽ حادثو پيش آيو. پوليس ٽرڪ کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي. ھوڏانھن فوتي جو لاش اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو جيڪو گھر پھچڻ تي گھر ۾ ڪهرام مچي ويو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.