ٺٽي ۾مقابلي بعد منشيات فروش گرفتار

ٺٽو(بيورو چيف) ٺٽو پوليس مقابلي بعد بدنام منشيات فروش مراد شاھ کي ساٿي سميت زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو، ميرپور ساڪرو  لڳ پوليس مقابلي بعد زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل مراد علي شاھ پوليس تحويل ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏھن تہ سندس ساٿي غلام نبي شاھ کي ٿاڻي تي منتقل ڪيو ويو. پوليس موجب خفيہ اطلاع تي پير پکو اسٽاپ وٽ ناڪابندي دوران موٽر سائيڪل سوار جوابدارن چيڪنگ ڪندڙ پوليس تي فائرنگ ڪري ڏني، جوابي فائرنگ ۾ جوابدار مراد علي شاھ زخمي ٿي پيو، زخمي جوابدار مراد شاھ ۽ سندس ساٿي غلام نبي شاھ کي گرفتار ڪري سندن تحويل مان سوا 2 ڪلو چرس، 2 پسٽل ۽ هڪ موٽر سائيڪل برآمد ڪئي ويئي. ايس ايس پي ٺٽو ڊاڪٽر عمران خان چيو آھي ته جوابدار مراد شاھ گذريل ڊگهي عرصي کان وٺي ٺٽي شهر سميت ضلعي اندر منشيات جو ڪاروبار ڪندڙ گروھ جو سربراھ آهي، جنهن خلاف 40 کان مٿي ڪيس پڻ داخل ٿيل آهن، ٺٽي شهر سميت پوري ضلعي اندر زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل جوابدار مراد علي شاھ پنهنجي ساٿين سان گڏ چرس آفيم کانپوءِ هاڻي آئيس ۽ هيروئن جهڙي خطرناڪ منشيات سپلائي ڪندڙ رهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.