تيل اگهن ۾ واڌ رد، تباهي سرڪار مني بجيٽ ڏئي رليف جي دعويٰ ڪري ٿي:مخالف ڌر

اسلام آباد( م ڊ)  مخالف ڌر پاران پيٽرول جي اگهن ۾ وڌايل اضافي کي رد ڪري ان کي عوام دشمن فيصلو قرار ڏنو آهي. پ پ جي نائب صدر شيري رحمان چيو آهي ته  تباهي سرڪار مني بجيٽ ڏيئي دعويٰ ڪري ٿي ته عوام کي رليف ڏنو آهي. پيٽرول جا اگهه 5 رپيا وڌائي ڪهڙو رليف ڏنو ويو آهي؟ اڳ ئي عوام کي مهانگائي جي ڌٻڻ ۾ ڌڪيو ويو آهي، حڪومت فيصلو واپس وٺي. فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته تيل جي اگهن ۾ واڌ وزير اعظم ۽ اوگرا جي ملي ڀڳت آهي. جي يو آءِ پڻ پيٽرول اگهن ۾ اضافي کي رد ڪري ڇڏيو. جي يو آءِ اڳواڻ اسلم غوري چيو ته نااهل حڪمرانن عوام جي جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز جي انفارميشن سيڪريٽري  شازيه عطا مري چيو آهي ته پيٽرول جي قيمتن ۾ ظالماڻي واڌ سبب عوام معاشي بدحالي جو شڪار ٿي رھي آهي ۽ اسان حڪومت جي اھڙي عوام دشمن فيصلي جي پر   مذمت ڪيون ٿا. هن چيو ته پي ٽي آءِ  حڪومت بد روح  مھانگائي  جي سونامي ٿي وئي آهي ۽ سليڪٽڊ وزيراعظم جا مالي سهولتڪار پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافي جو اعلان ڪري رھيا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.